ميئر جي هدايت،پاڻي چوري خلاف واٽر بورڊ جو آپريشن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي هدايتن تي پاڻي چورن خلاف ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون، ان سلسلي ۾ اينٽي ٿيفٽ سيل ۽ ڊبليو ٽي ايم پاران گڏيل ڪامياب گرينڊ آپريشن ڪندي سپر هاءِ وي جھونجال ڳوٺ ۾ شهر کي پاڻي فراهم ڪندڙ 48 انچن جي مين لائين مان 23 غير قانوني هائيڊرنٽس ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، ترجمان واٽر بورڊ موجب گرينڊ آپريشن ۾ انجارچ اينٽي ٿيفٽ سيل تابش رضا، ايس اي ڊبليو ٽي ايم تنوير شيخ، ليڊر ٽيم بي اينٽي ٿيفٽ سيل عبدالله عمران، ڪو ليڊر ٽيم بي اينٽي ٿيفٽ سيل عامر خان، عبدالعزيز، صديق تنيو سميت پوليس جي وڏي نفري گڏ ھئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو