موڊيز پاران پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خدشو ظاهر

موڊيز پاران پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خدشو ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گلوبل ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي موڊيز هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽاما) حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پهرين جولاءِ کان بجلي ۽ گيس جي سبسڊي ختم ڪئي وئي. بحال نه ٿيا ته پنهنجي يونٽن جون چاٻيون ناڻي واري وزارت حوالي ڪندا. ياد رهي ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت حڪومت ايندڙ مالي سال کان ٽيڪسٽائيل شعبي کي بجلي ۽ گئس تي سبسڊي ختم ڪري ڇڏي آهي، اربع ڏينهن اپٽاما جي نمائندن سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي درپيش مسئلن بابت بريفنگ ڏني. شاهدتار سميت اپٽاما جي ٻين نمائندن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڀارت ۾ ٽيڪسٽائيل سيڪٽر لاءِ بجلي جي قيمت 8 سينٽ، گئس ساڍا 6 سينٽ آهي، جڏهن ته بنگلاديش ۾ اها قيمت بالترتيب 10 ۽ 7 سينٽ آهي. جيڪو ٽيڪسٽائيل شعبي لاءِ تباهي جو باعث هوندو. نمائندن مطالبو ڪيو ته ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ علائقائي سطح تي مسابقتي قيمتون مقرر ڪيون وڃن، حڪومت بجيٽ تجويزن ۾ ترميم ڪري ٽيڪسٽائيل صنعت کي گهربل رليف فراهم ڪري ڇو ته ٽيڪسٽائيل صنعت سان 20 ملين انساني وسيلا وابسته آهن. اپٽما جي نمائندن جو موقف هو ته پيداواري لاڳت ۾ واڌ سبب پنجاب ۾ ٽيڪسٽائيل يونٽ بند ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن سبسڊي نه ڏني وئي ته وڌيڪ يونٽ بند ڪيا ويندا. هن ٽيڪسٽائيل انڊسٽري لاءِ بجلي ۽ گيس تي سبسڊي ۾ گذريل سال جي بجيٽ مطابق واڌ ڪرڻ جي به تجويز ڏني، پيڪيجڊ جوسز انڊسٽري جي نمائندن ڪميٽي کي 10 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ٻئي طرف عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي ۽ رپورٽ ۾ ڏيوالي جو وڏو سبب آءِ ايم ايف پيڪيج نه ملڻ، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ٻڌايو ويو آهي. موڊيز پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان 6.7 ارب ڊالرن جي پروگرام تي ڳالهيون شروع نه ڪري سگهيو آهي ۽ پاڪستان 30 جون تي ختم ٿيندڙ موجوده پروگرام کي جاري نه رکي سگهندو، موڊيز پنهنجي رپورٽ ۾ خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته. آءِ ايم ايف جي پيڪيج کان سواءِ ۽ پرڏيهي مٽا سٽا جي انتهائي گهٽ ذخيرن سبب پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو