لاهور (ويب ديسڪ) موٽر وي لڄا لٽ ڪيس ۾ گرفتار ملزم وقارالحسن جي نشاندهي تي مک جوابدار عابد جو ساٿي شفقت کي ديپالپور پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. جنهن موٽر وي ريپ ڪيس ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته هو ڦر جي نيت سان بيٺا هئا ۽ ڪار ڏٺي ته ڪڍ لڳاسين، اڳ ۾ عورت کا ڦر لٽ ڪئي ۽ بعد ۾ کيس هيٺ جهنگ ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو. شفقت عادي ڏوهاري آهي پر سندس پوليس وٽ ڪرمنل رڪارڊ نه هو. وقار پوليس کي ٻڌايو ته عابد اڄڪلهه شفقت سان گڏ ڏوهه ڪندو آهي. پوليس وقار جي تصوير متاثره عورت کي واٽس ايپ تي سڃاڻپ لاءِ موڪلي جنهن کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هي ملوث ناهي. ان باوجود پوليس وقار جي ڊي اين اي اڄڻ تائين کيس آزاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وقار جي سالي عباس به پاڻمرادو شيخوپوره پوليس وٽ گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي. مک جوابدار عابد جو ڀيڻويو، ڌيءَ ۽ والد پوليس جي حراست ۾ آهن. هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران سي سي پي او لاهور پنهنجي بيان تي معافي وٺي ڇڏي آهي. جنهن ۾ هن چيو هو ته عورت کي اڪيلي رات دير سان نڪرڻ نه گهرجي ها. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جج چيو ته خبر ناهي موٽروي لڄالٽ ڪيس جي جاچ ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي، سي سي پي او لاهور جي بيان تي سموري ڪابينا کي معافي وٺڻ گهرجي، حڪومت چاهي ته قانون موجب عدالتي جاچ ڪرائي سگهي ٿي، لاهور هاءِ ڪورٽ جا موٽروي تي عورت سان لڄالٽ واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، جسٽس قاسم خان درخواستگذار سان مخاطب ٿيندي چيو ته رڳو خبر لاءِ درخواستون داخل نه ڪرايو، قانون پڙهو ۽ ٻڌايو ته ڪهڙي قانون تحت جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏيون، عدالت سي سي پي او لاهور عمر شيخ جي بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سي سي پي او مظلوم عورت کي غلط قرار ڏئي رهيو آهي، ڪيترن ئي وزيرن عجيب بيان ڏنا، اها ڪهڙي قسم جي جاچ آهي، لڄالٽ واقعي تي سخت ايڪشن کڻڻ گهرجي ها ته جيئن قوم جي نياڻين جو حوصلو وڌي.
پاڪستان جي تعليم.جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا؛؛؛
بجلي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جا امڪان
ڪرغستان مقامي ۽ پرڏيھي شاگردن ۾ جھيڙو،پاڪستاني شاگرد زخمي
نادرا جديد ترين آل ان ون ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي،بلاول
سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 مئي کان هيٽ ويو جي اڳڪٿي
اغوا جا واقعا امن امان جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا
ڪوئيٽه پريس ڪلب جي تالا بندي، آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي قرار
حيدرآباد جي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا سخت زخمي
ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي
خوشاب ۾ ٽرڪ کاهيءَ ۾ڪِري پئي، هڪ ئي خاندان جا 14 ڄڻا فوت
ڪرغز سفارتخاني جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڊيمارش لاءِ پرڏيهي کاتي طلب
سرهاڙي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي عورت کي چيڀاٽي ڇڏيو
ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ
سنڌ ۾ عيد الاضحيٰ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار طلب
جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
ن ليگ ورڪنگ ڪميٽي اجلاس، شهباز شريف پارٽي جو وقتي صدر نامزد
گنڊاپور پاڻ کي تيس مار خان ٿو سمجهي پر هو رڳو هوا ۾ فائر ڪندو آهي
صدف جي اچڻ سان ئي انداز زندگي ۾ تبديلي آئي: شهروز سبزواري
پسني جي پھاڙي علائقي مان ڪروڙين رپين جي چرس ھٿ