مولانا سنڌ جو بي داغ اڳواڻ ۽ وطن پرست عالم هو، مقرر

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ساگر پارٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ جي جاکوڙي قومپرست اڳواڻ ۽ روشن خيال عالم، مولانا عزيزالله ٻوهيو جي ٻئي ورسي مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي. اسلام آباد ۾ پولي ڪلينڪ ٻاهران مريضن ۽ ساڻن گڏ آيل ضرورتمندن ۾ ماني ۽ فروٽ ورهايو ويو. ارجنٽينا پارڪ ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ مولانا کي قومپرست سياسي جدوجهد ۽ علمي پورهئي تي زبردست خراج پيش ڪيو ويو.

Screenshot

ڪنڊيارو جي ٽائون ڪاميٽي هال ۾ ملهائي وئي. تاج جويو جي صدارت ۾ منعقد ڪيل تقريب کي پروفيسر عبدالستار ابڙو، سرمد آزاد، منظور ابڙو، غفار عباسي، عبدالجبار مڱريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مولانا سنڌ جو بي داغ جاکوڙي قومپرست اڳواڻ ، روشن خيال ۽ وطن دوست عالم هو. مقررن چيو ته مولانا جي شخصيت ۾ وطن دوستي، روشن خيالي، سادگي ۽ سچائي جا خوبصورت رنگ ڀريل هئا. هن سنڌ جي قومي سڃاڻپ ۽ خوشحالي لاءِ سنڌ جا جهر جهنگ جهاڳيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ پنڌ ڪيا. هن سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي خلاف ۽ مزهبي رواداري لاءِ تمام گهڻو علمي پورهيو ۽ عملي جدوجهد ڪئي. مقررن چيو ته مزهبي متڀيد کان مٿانهون رهي مولانا قومي ٻڌي ۽ اتحاد لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. هنن چيو ته مولانا ۾ ڪڏهن وڏائي، تڪبر يا غرور نه ڏٺو، هو عوامي سوارين ۾ سفر ڪندو هو سندس سادگي مثالي هئي. هو دور جو سونهون ۽ ايندر نسلن جو به فڪري اڳواڻ آهي. ان موقعي تي مختيار ملاح، عبيد الله تڳر ، دلنواز مڱريو ۽ ٻين پڻ کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ڪراچي، نوشهرو فيروز ۽ گهوٽڪي ۾ به ورسي جون تقريبون منعقد ڪيون ويون.

Screenshot

پهنجو تبصرو موڪليو