موسمياتي تبديلون، ٿر هميشه لاءِ سائو ٿي ويندو!

ليکڪ اعجاز مهر
موسمياتي تبديلين بابت مون تازو هڪ تحقيقي رپورٽ پڙهي، جنهن کان ڪافي متاثر ٿيس. جيتوڻيڪ اڄڪلهه ريگولر لکڻ ڇڏي ڏنو اٿم پر هن رپورٽ مونکي هي مضمون لکڻ تي مجبور ڪيو.
ڀارت ۾ ٿيل تازي تحقيقاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انڊين اوشن ۾ وڌندڙ گرمائش سبب موسمياتي تبديلين برسات جو پيٽرن ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب پاڪستان ۽ انڊيا جي سرحدن وارو ريگستان يعني ٿر ڊزرٽ هڪ صدي ۾ ختم ٿي ويندو ۽ هميشه لاءِ ٿر سائو، سکيو ۽ ستابو ٿي ويندو.
هي اسٽڊي رپورٽ تَنوي دِتا گُپتا ۽ ڀوپندا ناٿ گوسوامي گڏجي لکي آهي. هن اسٽڊي لاءِ فنڊنگ ڀارتي حڪومت فراهم ڪئي. دنيا جا موسمياتي ماهر جيڪي آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ پڙهائين ٿا انهن جي راءِ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ گذريل 50 سالن کان ٿيندڙ برسات ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڊيٽا جو اڀياس ڪرڻ بعد اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ’گريٽ ڊزرٽ آف انڊيا‘ جيڪو دنيا ۾ وڌيڪ آبادي وارو ريگستان به آهي، ايندڙ هڪ صدي تائين مڪمل ختم ٿي ويندو.
ڀارت ۽ پاڪستان وارو ٿر انڊس ويلي سويلائيزيشن جي ماءُ به سمجهييو ويندو آهي. اسٽڊي موجب هي علائقو (بشمول پاڪستاني خاص ڪري سنڌ جو ٿر) هميشه لاءِ سائو ٿيندو ۽ خطي جي فوڊ سيڪورٽي جون ضرورتون پوريون ڪندو.
اسٽڊي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنج هزار سال پراڻي ۽ دنيا جي پهرين سڌريل ثقافت واري انڊس ويلي سويلائيزيشن جو اوج سرسوتي ندي جي سڪڻ ۽ ان دور جي موسمياتي تبديلين سبب ختم ٿيو. جنهن جو وڏو سبب برساتن جو سلسلو اتر اولهه کان اتر اوڀر پاسي منتقل ٿي ويو، جيڪو هاڻي واپس اتر اولهه طرف موٽي رهيو آهي.
رپورٽ موجب هلندڙ صدي جي آخر تائين ٿر سائو ٿي ويندو. مون سون جون بارشون برِصغير جي اتر اولهه طرف وڌيڪ پوڻ جو سلسلو شروع آهي. جنهن جو مقدار ايندڙ وقتن ۾ اڃا وڌندو ويندو. اتر اولهه وارن علائقن ۾فضا ۾ نمي به 50 سيڪڙو تائين وڌي آهي.
موسمياتي سائنسدان شينگ پنگ شي، جيڪو اسڪرپس انسٽيٽيوٽ آف اوشونوگرافي سان سلهاڙيل آهي پر هن ريسرچ جو حصو نه هو تنهن جو چوڻ آهي ته هاڻي ٿر ۾ ٻوڏون اينديون ۽ هڪ ارب ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا. هن 2022 ۾ پاڪستان اتر اولهه وارن علائقن (سنڌ ۽ بلوچستان) ۾ مون سون جي تباهه ڪن برساتن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ان سبب 80 لک ماڻهو بي گهر ٿيا، 15 ارب دالر جي پراپرٽي جو نقصان ٿيو ۽ 90 لک ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا.
مونکي حيراني اڳ وقت ٿي ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلين بابت ٿيل اڪثر اسٽڊيز ۾ اهو چيو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب ريگستانن ۾ اضافو ٿيندو ۽ مثال طور اتر آفريڪا جي صحارا ڊزرٽ بابت چيو ويو آهي ته 2050 تائين ان ۾ 6 هزار ڪلوميٽر هم چورس سالياني واڌ ٿيندي رهندي. اهڙي ماحول ۾ هن اسٽڊي ۾ چيو ويو آهي ته گريٽ ڊزرٽ آف انڊيا ختم ٿي ويندو ۽ اهو سائو ٿي ويندو، يقينن حيران ڪن ڳالهه آهي پر اها ڳالهه موسمياتي سائنسدانن ڪئي آهي جنهن سبب يقين پختو پيو لڳي ته نيچر موٽ کائي رهي آهي.
هن رپورٽ جي ڪو آٿر مسٽر گوسوامي جيڪو ڪاٽن يونيورسٽي م ميترولاجسٽ آهي، تنهن جو چوڻ آهي ته انڊيا جي ريگستاني علائقي ۾ هاڻي کان رٿا بندي ڪرڻ گهرجي، ترائين ۾ پاني گڏ ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهڻ گهرجن جنهن سان گرائونڊ واٽر ليول به بهتر ٿيندي ته جر به مٺو ٿيندو.
آمريڪا جي اتا يونيورسٽي جي پروفيسر شهه يو وينگ به پاڪستان ۾ 2022 جي ٻوڏ جو حوالو ڏيندي خبردار ڪيو ته شديد بارشن سبب جيڪي نقصان ٿين ٿا انهن جي روڪٿام لاءِ به اپاءُ وٺڻ گهرجن جيئن گهٽ کان گهٽ نقصان ٿي سگهي. تمام گهڻين بارشن جو هي سلسلو ايندڙ سالن ۽ ڏهاڪن ۾ وڌندو رهندو ان لاءِ وڏي پيماني تي رٿا بندي جي ضرورت آهي.
رپورٽ تمام وڏي آهي، دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ مان هتي لنڪ شيئر ڪريان ٿو.
تفصيلي اسٽڊي رپورٽ پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو