مورو(مورائي اياز سولنگي)علمدار اسڪائوٽ مورو پاران مفت طبي ڪئمپ لڳائي ٻه هزار کان مٿي مريضن جو چيڪ اپ ڪري انهن کي دوائون ڏنيون ويون. مرڪزي امام بارگاھ ۾ لڳل ڪئمپ ۾ مختلف بيمارين جي ڊاڪٽرن جيڪي ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاھ کان ڪئمپ ۾ پهتا جن ۾ ڊاڪٽر محمد علي سهيل، ڊاڪٽر ممتاز چانڊيو، ڊاڪٽر عظيم، ڊاڪٽر عنايت زرداري، ڊاڪٽر اويس بشير، ڊاڪٽر روزينه نيات، ڊاڪٽر نور نبي سيال، ڊاڪٽر رياض کوکر ۽ ٻين ٻه هزار کان وڌيڪ مختلف بيمارين ۾ ورتل مريضن جي چڪاس ڪري ٽيسٽون ورتيون ۽ مفت دوائون ڏنيون ان موقعي تي علمدار اسڪائوٽ جي اڳواڻ رياض سرهيو، بشير احمد سرهيو، مظفر گلاباڻي ۽ ٻين چيو آهي ته هي هڪ انسانيت جي ڀلائي جو ڪم آهي جنهن ۾ ڪيترائي انسان مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن ۽ غربت سبب علاج ۽ ٽيسٽون وغيره نه ٿا ڪرائي سگهن انهي مهنگائي جي وقت ۾ اسان محسوس ڪيو غريب ۽ بي پهچ مريضن جي ڀلائي لاءِ هڪ ڏينهن جي لاءِ مفت ڪئمپ لڳائي وڃي انهي سلسلي جي هتان جي ڪيترن ئي سرندي وارن ماڻهن دوائن ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي اسان جي ڪوشش هوندي ته هر سال اهڙيون ڪئمپون لڳائي غريب مسڪين مريضن جو مفت علاج ڪرائي سگهون۔










