من موهن، سِڌُو ۽ سني ديول اڄ پاڪستان ايندا

دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا موجب اڳوڻو وزيراعظم من موهن سنگهه، سپر اسٽار هيرو سني ديول ۽ اڳوڻو ڪرڪٽر نوجوت سنگهه سڌو ڪرتار پور سرحد جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ اڄ پاڪستان ايندا. سني ديول ڀارتي جنتا پارٽي جي ٽڪيٽ تي گورداسپور مان چونڊ کٽي اسيمبلي ميمبر چونڊجي ويو هو. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بابا گرو نانڪ جي مزار ۽ ڪرتار پور منهنجو گهر آهي منهنجو علائقو آهي مان نه ويندس ته ڪير ويندو. وزيراعظم عمران خان ڪرتار پور لنگهه جو افتتاح ڪندو. بابا گرو نانڪ جو 550 هون جنم ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي. پاڪستان سک ياترين لاءِ بنا پاسپورٽ ۽ افتتاح واري ڏينهن مفت انٽري جو اعلان ڪيو هو پر ڀارتي حڪومت جو چوڻ آهي ته پاسپورٽ تي انٽري لازمي ٿيڻ گهرجي. جنهن تي پاڪستان چيو ته اها سندن مرضي آهي. ياد رهي ته 9 نومبر بعد في ياتري کان 20 ڊالر فيس وصول ڪئي ويندي ۽ ياتري صبح جو اچڻ بعد شام جو واپس ويندا. افتتاحي تقريب واري ڏينهن 10 هزار سک پاڪستان ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو