ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)منفرد آوازن جي خالق معروف موسيقار نثار بزمي جا مداح اڄ 100 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.نثار بزمي پهرين ڊسمبر 1924ع تي مهاراشٽرا صوبي جي خان ديش ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس اصل نالو سيد نثار احمد هو.هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ ڪجهه سال آل انڊيا ريڊيو ۾ ميوزڪ ڪمپوزر طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ 1946ع ۾ فلم ’جمنا پار‘ سان فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي.نثار بزمي هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ 15 سالن تائين ڀارتي فلم انڊسٽري سان وابسته رهيو ۽ پوءِ پاڪستان آيو.هن پاڪستاني فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات فضل احمد ڪريم فضلي جي فلم ”ايسا به هوتا هي“ سان ڪئي.نثار بزمي ڪيترائي لازوال گيت ڳايا جيڪي پنهنجي وقت جي مشهور گلوڪارن ڳايا.پاڪستان شوبز انڊسٽري لاءِ سندس خدمتن تي کيس حڪومت پاڪستان طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.










