ممتاز ڀٽو جي ٽيجهو مڪمل، پڳ جي رسم چاليهي تي ٿيندي

لاڙڪاڻو (ن سنڌيار) بزرگ سياستدان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ، ڏهيسرِ سنڌ مرحوم نواب سردار ممتاز علي خان ڀٽو جو ٽيجهو اڱاري تي ميرپور ڀٽو ۾ ٿيو، صبح جو قرآني خواني بعد جي يو آءِ اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو جن دعاء خير گهري بعد ۾ خيرات في سبيل الله تقسيم ڪئي وئي ۽ تڏو پڻ کنيو ويو. جڏهن ته پڳ جي رسم چاليهي تي ادا ڪئي ويندي. جڏهن ته نوابزاده امير بخش خان ڀٽو ۽ نوابزاده علي حيدر خان ڀٽو سان اڳوڻي گورنر پنجاب غلام مصطفيٰ خان کر، اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ لياقت علي خان جتوئي، غلام مرتضٰي خان جتوئي، آغا تيمور خان پٺاڻ، مبين خان جتوئي، ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي، خانزاده فيصل خان، گل محمد خان جکراڻي، دلشاد ڀٽو سينئر، راجا خان بجاراڻي، قربان علي عباسي، فيصل خان عباسي، ملڪ الطاف کوکر ملتان، سردار تقي عباس ڪماريو، سردار فدا حسين خان گوپانگ، ملڪ علاءُ الدين، مير شاهزيب خان بجاراڻي، گادي نشين درگاهه ڀرچونڊي شريف فقير ميان عبدالخالق ڀرچونڊي، پير نورالهديٰ شاهه جيلاني آف گمبٽ، بئريسٽر عابد زبيري، اڳوڻي وزيراعظم مرحوم مير ظفرالله خان جمالي جي فرزند مير جاويد خان جمالي، اهل سنت والجماعت فيضانِ مدينه ڪراچي جي وفد مولانا عبدالحفيظ جي اڳواڻي ۾، علي ڏنو خان انڙ، وڪيل انور  علي جانوري، وڪيل عبدالستار ڀٽو، حاجي محمد مراد مينگل، سينيٽر سيف الله ابڙو، بابو سرور سيال، حافظ عبدالقادر سيال، حاصل خان اسراڻ، ڏاڏو خان جکراڻي، خالد حسين ڀيلار، ڊاڪٽر سڪندر جتوئي، مير افتخار خان لنڊ، ايم پي اي برهان خان چانڊيو، سردار صفدر علي خان مٺاڻي، ڀائو در محمد ٻرڙو، خالد حسين انصاري، صدرالدين عمراڻي، بشير احمد جوڻيجو، لياقت علي مهيسر، وڪيل شفقت علي مهيسر، نعيم غلام قادر ڀٽو، سيد معشوق علي شاهه، خادم حسين انڙ، محمد لائق راهو، وڪيل غلام نبي چانڊيو، حاجي خان بروهي، حاجي خان ڀٽو، مير حسن ٻرڙو، نياز حسين جلباڻي، جنيد احمد خان پيچوهو، فياض احمد پيچوهو، بهرام خان کوسو، ذوالفقار علي ڀٽو، عبدالجبار ڀٽو، غلام مرتضيٰ ڀٽو، صدام حسين ڀٽو، شفيق احمد ڀٽو سميت سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي، وڪيل اڳواڻن ميرپور ڀٽو پهچي تعزيت ڪئي. جڏهن ته پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه فون ڪري تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو