ملڪ ۾ فوري طور شفاف عام چونڊون ڪرايو، پي ڊي ايم

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي  مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور ملڪ ۾ شفاف عام چونڊون ڪرايون وڃي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان پاڪ فوج کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا،

Moulana and Shabaz meeting

 مودي به فوج کي ايترو نقصان نه پهچايو جيترو عمران خان پهچايو آهي، مولانا فضل الرحمان قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي رهائش گاهه تي مانجهاندي تي ساڻس ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن  پي ڊي ايم پاران مهانگائي خلاف مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، 31 آڪٽوبر تي ڊيرا غازي خان ۾ جلسو ٿيندو: مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ سنجيده آهي، ملڪ ۾ فوري طور شفاف چونڊن جِي ضرورت آهي، شهباز شريف چيو ته نااهل حڪمرانن عوام جو جيئڻ تنگ ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو