ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي، آئيني، پارلياماني ۽ اقتصادي بحران خوفناڪ شڪل اختيار ڪري چڪو آهي،2023ع جي چونڊن لاءِ 09مئي جي سانحي کان پوءِ رياستي طاقت سان نئين سياسي انجنيئرنگ ماضي جي مقابلي ۾ وڌيڪ خطرناڪ ۽ تباهي جو سبب هوندي، استحڪام پاڪستان ۽ خوشحال عوام لاءِ لازمي آهي ته 25 ڪروڙ عوام تي اعتماد ڪندي چونڊن جي باري ۾ بي يقيني واري فضا ختم ڪئي وڃي، نام نهاد، ناڪاره ۽ آزمايل اليڪٽبلز سياست جو ناسور آهن انهن تي ڀاڙڻ بدران صاف شفاف چونڊون، آئين جي آرٽيڪل62،63 جي معيار تي اسيمبلين ۽ پارليامينٽ لاءِ ميمبرن جي چونڊ لاءِ سياسي جماعتون ان معيار تي لهڻ وارن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي مشاورتي ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ موئثر ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي امير محمد حسين محنتي، نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، جي آءِ يوٿ سنڌ جو صدر امتياز پالاري ۽ مجاهد چنا پڻ موجود هئا. لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي عوام پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ جماعت اسلامي کي ڀاري مينڊيٽ ڏنو آهي، پي ٽي آءِ پاران ميئرشپ لاءِ جماعت اسلامي جي اُميدوار حافظ نعيم الرحمن جي حمايت ڪرڻ کان پوءِ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ جماعت اسلامي اڪثريت ۾ آهي، اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي غير جمهوري حيلي بازي، ذاتي خواهشن جي تڪميل لاءِ حڪومتي طاقت جو انڌو استعمال بلدياتي نظام جي سياسي ۽ پارٽي بنياد جي مقصدن کي پامال ڪري ڇڏيندو. پ پ چيئرمين بلاول زرداري جي ڪراچي ۾ “ جيالو ميئر” آڻڻ جي خواهش “ کيلن ڪو مانگي چاند” واري ڳالهه جي برابر آهي. ڪراچي جي ڳنڀير مسئلن، عوامي مينڊيٽ ۽ ڪراچي جي عوام جي خواهش آهي ته ميئرشپ جماعت اسلامي کي ملڻ گهرجي ۽ جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ توڙي پ پ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪن، عوامي خواهشن جو احترام ڪرڻ ئي جمهوريت جو حسن آهي. صوبائي امير محمد حسين محنتي چيو ته 09مئي جي واقعن ملڪ کي لوڏي ڇڏيو، جڏهن ڪورڪمانڊر جو گهر محفوظ ناهي ته عام ماڻهو کي ڪهڙو تحفظ ملندو، ان واقعي جي اوٽ ۾ عام ۽ بي گناه ماڻهن جون گرفتاريون ۽ حراسان ڪرڻ انصاف کان مٿاهون عمل آهي، معاشري جا بااثر ماڻهو جماعت اسلامي جو ٻانهن ٻيلي ٿين ته جئين ملڪ مسئلن جي ڌٻڻ کان نجات حاصل ڪري سگهي
