ملڪ سان وفاداري مولانا فضل الرحمان جي رت ۾ شامل آهي؛ فردوس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي معاون خصوصي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ کي قومي سلامتي جو مسئلو قرار ڏيندي چيو آيه ته ان تي سڄي قوم متحد آهي. ان جو چوڻ هو ته پاڪستان جي دشمنن کي اها ڄاڻ هجڻ گهرجي ته سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي ۽ اها سويلين بالادستي طرفان اهم پيش رفت آهي جو قانوني معاملن کي پارليامينٽ ذريعي درست ڪيو پيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته سرحد ۽ خطي جي صورتحال ڪشيده آهي ان صورت ۾ پاڪستان جي تمام سياسي جماعتن قومي مفادن ۾ يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي پاڪستاني فوج کي طاقت بخشي آهي. هن سڀني جماعتن ۽ ان جي اڳواڻن کي ان اهم ذميواري جي ادائيگي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته جنهن بردباري جو مظاهرو هنن ڪيو اهو قابل تحسين آهي. مولانا فضل الرحمٰن جي جماعت کان آرمي اڪيٽ جي معاملي تي مشاورت نه ڪرڻ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مولانا فضل الرحمٰن هڪ محب وطن ۽ ملڪ سان وفاداري ان جي ۽ ان جي پارٽي ميمبرن جي خون ۾ شامل آهي پر ان باوجود معمولي شڪايتون جمهوريت جو حسن آهن سڀ اتفاق راءِ سان ان ترميم جي حمايت ڪندا. ٻئي طرف وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالوجي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۽ چيئرمين جي مقرري تي اتفاق ٿي ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران فواد چوڌري ڳالهائيندي چيو ته متفقه فيصلي موجب ترميم جو بل پيش ڪيو ويو هاڻي بل ڪميٽي ۾ ويندو جنهن کان پوءِ پاس ٿي ويندو. هن چيو ته قومي ادارن تي سياست برادشت نه ٿا ڪري سگهون اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۽ چيئرمين جي مقرري تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي اهي مقرريون پارليامينٽ ئي ڪندي ۽ عدالت وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. فواد چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو ته احتساب تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو احتساب جي طريقيڪار کي شفاف بڻائينداسين سومر کان احتساب تي سڀني جماعتن طرفان بحث شروع ٿيندو احتساب جي قانون تي به اتفاق راءِ ٿي ويو آهي. احتساب جو طريقو اهڙو هئڻ گهرجي جنهن سان ڪا به سياسي پارٽي انتقام جي ڳالهه نه ڪري. .

پهنجو تبصرو موڪليو