ملڪ جا سڀ سياستدان جي ايڇ ڪيو جي پيداوار آهن؛ شيخ رشيد

لاهور (بيورو رپورٽ) ريلوي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کان نوازشريف تائين ملڪ جا سڀ سياستدان جي ايڇ ڪيو ۽ مارشل لا جي پيداوارآهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته ملڪ جا سڀ سياستدان جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر 4 کان نڪتا آهن. ذوالفقار علي ڀٽو کان نوازشريف تائين سڀ سياستدان مارشل لاءِ جي پيداوار آهن. تاريخ پڙهي وڃي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀٽو ڪنهن بڻايو، ان جي گهرواري نصرت ڀٽو ڇا ڪيو، عمران خان جي اچڻ تائين پاڪ فوج ڪافي بدلجي وئي آهي ڇاڪاڻ ته هاڻي گيٽ نمبر 4 ناهي رهيو. وزير ريلوي جو چوڻ هو ته پرويزمشرف کي غدار نه ٿو سمجهان هو محب وطن آهي، سنگين غداري ڪيس جي تفصيلي فيصلي جو پيرا 66 غير آئيني، غير سنجيدهه ۽ غيرقانوني فيصلو آهي جيڪو مارشل لاءِ جي مترادف آهي. پاڪستان جي عدليه ۽ فوج اهم ستون آهن جيڪي پاڻ ۾ نه ٽڪرائيندا نئين چيف جسٽس گلزار احمد جي اچڻ سان ملڪ اڳتي وڌندو. شيخ رشيد چيو ته ڪرپشن غداري کان وڌيڪ آهي بدقسمتي سان ملڪ ۾ جيڪو آيو سڀني لٽيو، خورشيد شاهه جا 126 اڪائونٽ نڪتا آهن پوءِ به ان کي ضمانت ملي وئي آهي، پيپلزپارٽي سڀ ڪيس سنڌ منتقل ڪرڻ چاهي ٿي، آصف زرداري جي ڪرپشن ۾ بلاول به شامل آهي، ڏيڍ ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جا دستخط موجود آهن، بلاول ڀٽو زرداري پلي بارگيننگ نه ڪئي ته هو به مريم نواز شريف وانگي ملڪي سياست کان مائنس ٿي ويندو پنجاب ۾ هاڻي پيپلزپارٽي لاءِ ڪا به جڳهه ناهي. وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏڻ جو عادي آهي شهباز شريف پرويز مشرف خلاف نه ڳالهايو ۽ اهو ئي نوازشريف کي لنڊن وٺي ويو آهي. شهباز شريف جي سٺي خبر اچڻ واري آهي هو انجواءِ ڪري رهيو آهي، شريف ڀائر لنڊن ۾ نئين سال جو آغاز ڪندا. شهباز شريف نئون ڪوٽ پائيندو عمران خان کي ڏک آهي ۽ رهندو ته نوازشريف ٻاهر هليو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو