ملٽي نيشنل ڪمپنين پاران پاڪستان مان ڪاروبار سميٽڻ تي غور

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ڊالر جي کوٽ سبب منافعي واري رقم ٻاهر موڪلڻ کان محروم آهن. بلوم برگ جي رپورٽ موجب نيسلي، يونيليور ۽ فلپ مورس جا هڪ کان 2 ارب ڊالر جي رقم ڦاٿل آهي ۽ 18 مهينن کان هو رقم پرڏيهه نه موڪلي سگهيا آهن. رپورٽ م چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت کين سالياني بدران ماهوار آڊٽ ڪرائي رقم موڪلڻ لاءِ چيو آهي جنهن سبب ڪمپنين جي آپريشنل ڪاسٽ وڌي وئي آهي. اهڙي صورتحال سبب ملٽي نيشنل ڪمپنيون پاڪستان مان پنهنجا بزنس سميٽن تي غور ڪري رهيون آهن. جيتوڻيڪ حڪومت کين ڪجهه عرصي ۾ 15 کان 20 ارب ڊالر جي پرڏيهي سيڙپ ٿين جو آسرو به ڏنو آهي پر ڪجهه ڪمپنيون ان مان مطمئن نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو