ملتان سلطان جي 5 وڪيٽن تان لاهور کي شڪست

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپري ليگ جي پنجين ايڊيشن جو ٽئين ميچ م ملتان سلطان لاهور قلندر کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ملتان سلطان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. فخرالزمان ۽ ڪرس لِين اننگ اوپن ڪئي، فخر هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 19 رنز ٺاهي معين علي جي بال تي خوشدل شاهه هٿان ڪيچ ٿيو، ڪرس لين 3 ڇڪا، 4 چوڪا، 19 بالن تي 39 رنز ٺاهي شان مسعون هٿان معين علي جي بال تي ڪيچ ٿيو، بين ڊڪ 3 بالن تي  رنز ٺاهي شاهد آفريدي جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو، محمد حفيظ هڪ چوڪو هنيو 22 بالن تي 14 رنز ٺاهي شان مسعود هٿان عمران طاهر جي بال تي ڪيچ ٿيو، وڪٽ ڪيپر ڊين ولاس کي عمران طاهر بولڊ ڪيو، هن 3 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 19 رنز ٺاهيون.

سهيل اختر 3 چوڪن هڪ ڇڪي جي مدد سان 30 بالن تي 34 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڊيوڊ ويز 5 بالن تي 3 رنز ٺاهي الياس جي بال تي بولڊ ٿيو، شاهين آفريدي 5 بالن تي 2 رنز ٺاهي سهيل تنوير جي بال تي بالر هٿان ڪيچ ٿيو، حارث رئوف 5 بالن تي بنا رن ٺاهي محمد الياس جي بال تي شاهد آفريدي هٿان ڪيچ ٿيو ۽ عثمان شنواري هڪ بال تي ڪا رن نه ٺاهي سگهيو ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. لاهور قلندر جي ٽيم 8 وڪيٽن تي  138 رنز ٺاهي سگهي ۽ کين 5 رنز ايڪسٽرا جون ان ۾ مليون. جنهن بعد ملتان سلطان جي ٽيم بيٽنگ شروع ڪئي ۽ شان مسعون جيمس ونز اننگ اوپن ڪئي، شان مسعون هڪ چڪو چار چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 38 رنز ٺاهي ڊيوڊ ويز جي بال تي بولڊ ٿيو، ونز هڪ ڇڪي ۽ بن چوڪن جي مدد سان 9 بالن تي  18 رنز ٺاهي  شاهن آفريدي جي بال تي بولڊ ٿيو، معين علي 2 چوڪا هڻي 8 بالن تي 11 رنز ٺاهي حفيظ جي سڌي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو، رلي روو هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 28 بالن تي 43 رنز ٺاهي ڪرس لين جي هٿان حارث رئوف جي بال تي ڪيچ ٿيو، ذيشان اشرف  7 بالن تي 4 رنز ٺاهي حارث رئوف جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو،خوشدل شاهه هڪ چوڪي هنيو ۽ 3 بالن تي 6 رنذ ٺاهي ناٽ آئوٽ ۽ شاهد آفريدي هڪ ڇڪو 2 چوڪا هڻي 12 بالن تي 21 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ملتان وارن 16.1 اوورز ۾ 5 آئوٽ ٿين تي ميچ کٽي ورتي. عمران طاهر کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

لاهور قلندر وارن وڏو اسڪور نه ڪيو پر پوءِ به شاهين آفريدي بهترين بالنگ ڪندي 4 اوورز ۾ 18 رنز ڏنيون 12 ڊات بال ڪرايا ۽ هڪ به چوڪو کيس نه لڳو. اڄ ڪوئٽا جي پشاور زلمي سان 32 وڳي منجهند ۽ اسلام آباد جي ملتان سلطان سان 7 وڳي شام جو ميچ ٿيندي. هن مهل تائين 34 ميچز مان 3 ميچز ٿيا آهن جن ۾ ڪوئٽا، ڪراچي ۽ ملتان کٽڻ وارن ۾  زلمي، اسلام آباد ۽ لاهور هارائڻ وارن ۾ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو