زال سوڌو مغوي بڻيل اهلڪار بازياب نه ٿي سگهيو

ميرپورماٿيلو (ن سنڌيار) ميرپورماٿيلو جي پوليس اهلڪار محمد ابراهيم چڍڙ ۽ سندس گهرواري مائي سچل چڍڙ کي پوليس 15 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي، گهر ۾ قهرام متل آهي.ان حوالي سان اظهار همدردي لاءِ قومي امن ڪاميٽي براءِ بين المذاهب هم آهنگي امين شاهه راشدي، يوٿ ونگ جي صوبائي صدر سعدالله ڪورائي، ڊويزن سکر چيئرمين قادر بخش نائچ، ضلعي گهوٽڪي چيئرمين ذوالفقار ڪورائي، ضلعي گهوٽڪي جنرل سيڪريٽري جاويد لاشاري، ضلعي صدر ذوالفقار مهر، تعلقه ميرپورماٿيلو چيئرمين الھڏيوايو ڪلهوڙو، ضلعي سينئر وائيس چيئرمين انور نائچ، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ذاڪر مهر، تعلقه ميرپورماٿيلو صدر محمد خان ڪورائي ۽ ٻين مغوين جي گهر پهچي وارثن سان هر ممڪن مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو.ان موقعي تي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته اغوا ٿيل پوليس اهلڪار ۽ سندس گهرواري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪندا سون.

.

پهنجو تبصرو موڪليو