معصوم جانيون وٺندڙ وڪيل ماڻهن کي ڪهڙو انصاف ڏيندا؛ ماهره

لاهور (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن لاهور ۾ وڪيلن پاران ڊاڪٽرن سان جهيڙي دوران دل جي اسپتال پي آءِ سي تي حملو ڪيو هو جنهن سبب 6 مريض طبي امداد نه ملڻ ڪري زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺا. اداڪاره ماهره خان واقعي تي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ملڪ ۾ وڌندڙ انتشار تي خوف جو اظهار ڪيو آهي. لاهور ۾ گذريل ڏينهن وڪيلن دل واري اسپتال پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي تي حملو ڪيو هو ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي. اداڪاره ماهره خان جو چوڻ هو ته جنگ ۾ به اسپتالن تي حملو ناهي ڪيو ويندو ڇا اهي ماڻهو قانون ٺاهيندڙ آهن ڇا اهي ماڻهو انصاف مهيا ڪندڙ آهن ڇا اهي ماڻهو اسان جي ملڪ جا تعليم يافته ماڻهو آهن هو سڀ ڪجهه ڏسي خوف محسوس ٿي رهيو آهي جيڪي مريضن جون جانيون وٺن اهي تعليم يافته نه ٿا ٿي سگهن. هن چيو ته جيڪڏهن هر ڪو پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ تشدد جو رستو اختيار ڪندو ته پوءِ اسان جي قوم لاءِ باقي اميد ڪهڙي رهجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو