مظاهر نقوي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم جديشل ڪائونسل جي سفارش تي جسٽس مظاهر علي نقوي جي برطرفي جي صدر آصف علي زرداري منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن بعد قانون واري وزارت سندس استعيفا جي بنياد تي رٽائرمينٽ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺندي سندس برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم جڊيشل ڪائونسل 9 الزام جي بڌڻي بعد کيس ’جڊيشل مس ڪانڊڪٽ‘ جو ڏوهي قرار ڏنو هو. مٿس ڪرپشن ۽ ججز جي ڪوڊ آف ڪانڊڪٽ جا به الزام هئا. هن عدالت پاران روپوش قرار ڏنل جوابدار محمد خان ڀٽي جيڪو پرويز الاهي جو سيڪريٽري به هو، تنهن کي پنهنجي سرڪاري گهر ۾ پناهه به ڏني هئي. مظاهر نقوي هاڻي نالي پٺيان جج نه لکي سگهندو ۽ کيس پينشن سميت سڀ مراعات به نه ملنديون. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي رٽائر جج کي، پوليس پروٽوڪول، ذاتي ملازم، مفت بجلي سميت ڏهه لک کان مٿي ماهوار پينشن به ملندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو