مشرف غداري ڪيس، عدالت سيڪريٽري قانون کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنگين غداري ڪيس ۾ خصوصي عدالت جو فيصلو روڪڻ لاءِ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف ۽ وزارت داخلا جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري وزارت قانون ۽ انصاف کي طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻنهي فريقين طرفان داخل درخواست جي ٻڌڻي عدالت جي چيف جسٽس اطهر من الله، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي مشتمل لارجر بينچ ڪئي. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ حڪومت موقف اختيار ڪيو هو ته حڪومت کي موقعو ملڻ ۽ نئين استغاثه ٽيم مقرر ڪرڻ تائين خصوصي عدالت کي ڪارروائي کان روڪيو وڃي. ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس پرويز مشرف جي وڪيل کي چيو ته توهان ويهو اسان پهرين وزارت داخلا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪنداسين. جسٽس عامر فاروق سرڪاري وڪيل کان پچيو ته ڇا توهان سپريم ڪورٽ جي آرڊر کان واقف آهيو؟ جنهن تي هن لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي سپريم ڪورٽ جي ڊائريڪشن جي ڄاڻ ناهي. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت چيو هو ته مشرف پيش نه ٿيندو ته ان جو حق دفاع ختم ٿي ويندو. عدالت پڇيو ته ڇا وزارت داخلا جو ڪو آفيشل هتي موجود آهي جنهن کان پوءِ وزارت داخلا جي آفيسر کي روسٽرم تي گهرايو ويو. هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جنرل پرويز مشرف اشتهاري آهي ۽ خصوصي عدالت جي حوالي سان دريافت ڪيو ته هن وقت ٽربيونل ڪنهن جو آهي؟ جنهن تي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته جسٽس وقار احمد سيٺ، جسٽس نظر احمد ۽ جسٽس شاهد ڪريم ٽربيونل ۾ آهن. ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق دريافت ڪيو ته ڇا وفاقي ڪابينه ان ڪيس جي منظوري ڏني آهي جنهن تي سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته مان سڄو رڪارڊ ڪنفرم ڪري عدالت کي آگاهه ڪندس. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن توهان کي ڪيس جي حوالي سان ڪا ڄاڻ ناهي ته پوءِ ٻڌڻي ڪيئن ڪيون اڳوڻو صدر مفرور آهي. هن هدايت ڪئي ته وزارت قانون کان سڄو ريڪارڊ گهرايو وڃي جنهن کان پوءِ عدالت جي 3 رڪني بينچ سيڪريٽري وزارت قانون ۽ انصاف کي ريڪارڊ سميت طلب ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف خصوصي عدالت جي سنگين غداري ڪيس ۾ فيصلو روڪڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن کي پڻ ٻڌڻ لاءِ منظور ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ خصوصي عدالت جي محفوظ ڪيل فيصلي کي روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت وزارت داخلا ذريعي 25 نومبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي هئي ته عبوري ريليف طور خصوصي عدالت جو فيصلو معطل ڪيو وڃي ۽ خصوصي عدالت کي حتمي فيصلو ڏيڻ کان روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو