مشرف خلاف قتل ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي ارمي چيف پرويز مشرف خلاف غازي عبدالرشيد جو قتل ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست رد ٿي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي درخواست تي ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌايو.

اُن کان اڳ ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس پُڇيو ته پرويز مشرف خلاف ايف آءِ آر 2013ع ۾ داخل ٿي، هاڻي اُهو ڪيس ڪهڙي مرحلي ۾ آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ڪيس جو چالان 2014ع ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو هو.  چيف جسٽس پُڇيو ته ٽرائل اڃا تائين ڇو مڪمل نه ٿيو آهي؟ پرويز مشرف عدالتي مفرور ته نه آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل عدالت آڏو چيو ته ڪا خبر نه آهي ته ٽرائل اڃا تائين مڪمل ڇو نه ٿيو ؟ اُن کانپوءِ عدالت فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي درخواست رد ڪري ڇڏي.  ياد رهي ته سال 2007ع ۾ لال مسجد آپريشن دوران مسجد جو نائب خطيب مولانا غازي عبدالرشيد مارجي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو