مسعود اظهر کي عالمي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي تجويز، چين ويٽو ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پابندي مڙهيل تنظيم جيش محمد جي سربراه مسعود اظهر کي عالمي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي تجويز کي اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر چين هڪ دفعو ٻيهر فني بنيادن تي روڪي ڇڏيو آهي. مسعود اظهر کي عالمي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي تجويز ويٽو پاور رکندڙ دنيه پنجن ملڪن مان ٽن اهم ملڪن امريڪا، برطانيا ۽ فرانس گذريل مهيني پيش ڪئي هئي. اها تجويز ڀارتي ڪشمير ۾ 14 فيبروري تي پلواما ضلع ۾ ٿيل خود ڪش حملي بعد اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي 1267 سينڪشن ڪميٽي تحت پيش ڪئي وئي هئي. مسعود اظهر جي تنظيم جيش محمد کي سلامتي ڪائونسل 2001 ۾ پابندي لاڳو ڪري چڪي آهي. ڀارت پنهنجي سفارتي ڪوششن ذريعي مسعود اظهر کي دهشتگرد قرار ڏيارڻ چاهي ٿو. 2009، 2016 ۽ 2017 ۾ سلامتي ڪائونسل ۾ اهڙي تجويز پيش ٿي چڪي آهي پر ٽئي دفعا چين ان کي ويٽو ڪري چڪو آهي. هاڻي چوٿون دفعو چين اهو چئي ويٽو ڪيو آهي ته کيس سوچڻ لاء وقت گھرجي. هوڏانهن ڀارتي حڪومت چين جي فيصلي تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. مبصرن جو چوڻ آهي ته في الحال ته اها ڀارت جي شڪست آهي پر تازو پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاء چين ثالثي ڪرڻ جي پيشڪش به ڪئي هئي. لڳي ٿو ته چين هن سلسلي ۾ ڪجهه معاملا ڀارت سان درپرده طئي ڪرڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو