نوشهروفيروز (ن س)سکر کان ڪراچي ويندڙ مسافر فرحان ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿيو ، سني پيٽرول پمپ ويجهو قومي شاهراه تي حادثو پيش آيو ،ڊرائيور سميت 8 مسافر زخمي ٿي پيا ٻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاه ريفر ڪيو ويو ،زخمين ۾ ڊرائيور صدام حسين , بدر علي , اشفاق علي ۽ حاجي خان شامل آهن غلام مصطفي ۽ ڪامران سميت 8 ڄڻا زخمي ٿيا آھن ، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته مسافر ڪوچ گڏھ گاڏي کي بچائيندي ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي زخمين کي سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو آھي










