مسئلن جو حل چاهيو ٿا ته شينهن تي ٺپو هڻو: مريم نواز

مري (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته حڪمران الله پاڪ ۽ عوام کي جوابده آهن، هن اليڪشن ۾ مري واري ان حڪمران کان جواب گهرو ته جڏهن ماڻهو مري رهيا هئا ته اهو ڪٿي هو؟ مري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جڏهن نواز شريف ايندو آهي ته مزدور جي گهر جي چُلهه ٻرندي آهي، ماڻهن کي روزگار ملندو آهي، چونڊن ۾ ڪجهه ڏينهن رهجي ويا آهن، سوچي سمجهي ووٽ ڏيو، اهو ڪاغذ جو ٽڪرو ناهي، توهان کي ايندڙ نسلن جو فيصلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان مسئلن جو حل چاهيو ٿا ته پوءِ شينهن تي ٺپو هڻو، واعدو ٿي ڪيان ته اسان مسئلا حل ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو