مريم نواز فوج خلاف خوني بيان ڏئي مسئلا پيدا پئي ڪري، شيخ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي ته مريم نواز پاڪ فوج خلاف خوني بيان ڏئي رهي آهي، نواز ليگ جي سڀاڻي سياست ختم ٿي وئي ته اُن جي ذميوار مريم نواز هوندي، فوج جمهوريت سان گڏ بيٺل آهي ۽ زبردست تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آهي. پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير چيو ته مريم نواز غير ذميواراڻا بيان ڏئي پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي، حساس ادارن لاءِ ميڊيا تي بيان ڏيڻ مناسب ناهي. ھن وڌيڪ چيو تھ نواز شريف جو وقت گذري ويو، سمجهوتا ايڪسپريس ٽرين مسافرن جو انتظار ناهي ڪندي، شهباز شريف اڃا شروعات ڪري ٿو ته مريم نواز ٻُهارو ڏئي ڇڏيندي آهي، چونڊن کان اڳ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ نئين صف بندي ڏسان ٿو. هن چيو ته فوج ۾ ترقيون، بدليون ۽ مقرريون معمول جي ڳالهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو