مرداڻي ڪمزوري ختم ڪرڻ لاءِ جرمني پاران ايپ متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يورپي ملڪ جرمني جي ماهرن هڪ ايپليڪيشن تيار ڪئي آهي جيڪا مردن جي بانجھه پن يا مرداڻي ڪمزوري کي ختم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي. يورپين ايسوسيئيشن آف يورولوجي جي سالياني ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل ايپليڪيشن کي ماهرن انتهائي مددگار قرار ڏنو آهي. ترقي يافته ايپليڪيشن بانجهھ پن يا زرخيزي تي قابو پائڻ لاءِ طبي مشورا فراهم ڪري ٿي. ايپليڪيشن هن وقت صرف جرمني ۽ فرانس ۾ پيش ڪئي وئي آهي ۽ ان جو نالو آهي (Kranus Edera) ۽ جلد ئي ٻين ملڪن ۾ پڻ متعارف ڪرائي ويندي. ماهرن موجب ڄاڻايل ايپليڪيشن مردن کي انهن جي زرخيزي بابت معلومات فراهم ڪندي آهي ۽ انهن کي پيچيدگين کي حل ڪرڻ لاءِ مشورو پڻ ڏيندي آهي جڏهن ته ايپليڪيشن صارفين کي شڪ جي صورت ۾ صحت جي ماهرن وٽ وڃڻ جو مشورو پڻ ڏيندي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته عام طور تي سڄي دنيا ۾ مرد ڊپريشن، ننڊ جي گهٽتائي، پريشاني، مالي مسئلن ۽ سٺي خوراڪ نه کائڻ سميت ورزش نه ڪرڻ سبب مرداڻي ڪمزوري جو شڪار ٿين ٿا ۽ اهڙن سببن کي ايپليڪيشن ذريعي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. اپليڪيشن اهو به مشورو ڏئي ٿي ته سٺي ننڊ ڪيئن ڪجي ۽ ڪهڙي غزا ڪيتري کائڻ گهرجي ۽ ڪهڙي قسم جي ورزش ڪرڻ گهرجي جيئن مرداڻي ڪمزوري کي ختم ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو