مردان ۾ آپريشن، ايس پي اعجاز خان شهيد، 2 جوابدار مارجي ويا

مردان (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي مردان جي علائقي کٽلنگ ۾ دهشتگردن خلاف ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.پوليس موجب مردان ۾ دهشتگردن پوليس تي فائرنگ ڪئي.سي ٽي ڊي ذريعن موجب دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس پي اعجاز خان شهيد ٿي ويو.سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ ڊي ايس پي ۽ 2 اهلڪار پڻ سخت زخمي ٿي پيا آهن.سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي ۾ مطلوب دهشتگرد محسن سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو