ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مرتضيٰ وهاب رڳو هڪ چهرو آهي ان جي پويان ٻيا ڪم ڪندڙ آهن.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته عباسي شهيد اسپتال کي قائم 50 سال گذري ويا آهن، مون اسپتال جو دورو ڪيو، ان وقت هر طرف گندو پاڻي نظر اچي رهيو آهي، هتي مريض علاج بدران بيمارين جو ذريعو بڻجي ويا آهن. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب ايڊمنسٽريٽر هو ۽ اڄ ميئر آهي پر هو ڪم نه ڪري رهيو آهي، هي اسپتال ضلعي سينٽرل ۾ آهي ان ڪري ڪم نه پيو ڪري،حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته 15 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي پر اهي ڪم نه ڪري رهيا آهن، هن وقت اسپتال ۾ دوا ناهي، جيڪڏهن اسپتال جو يو پي ايس خراب ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر عطيو ڪري ان کي ٺيڪ ڪرائين ٿا،جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته هن وقت هڪ صوبي ۾ ٻه نظام هلي رهيا آهن، اسان جي نمائندن وٽ اختيار ناهن پر ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين،هنن جو چوڻ آهي ته اسان انهن کي بي نقاب ڪري ڪم ڪرائينداسين، اسپتال جي بجيٽ ڪٿي آهي؟ ڪراچي ۾ ائين نه ٿيو، عباسي شهيد اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم جو سامان ناهي، اسپتال ۾ ايڪسري ڊپارٽمينٽ بند، ايم آر آءِ مشين بند آهي.هن وڌيڪ چيو ته ميئر هاڻي ڪم نٿو ڪري، نوٽيس وٺڻ سان ڪرپشن وڌي ٿي، صحت وارو وزير هتي ڌيان ڏي، بهترين ۽ مضبوط اپوزيشن ڪنداسين.حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته اسان چونڊ مهم تي رڳو هڪ سيڪڙو خرچ ڪيو هو، جماعت اسلامي جا فنڊ وڌي رهيا آهن.
