مدي خارج ۽ غير معياري شيون وڪرو ڪندڙن تي ڏنڊ

سيٺارجا( سجاد علي ڪٻر) اسسٽنٽ مختيارڪار ميرواهه راشد شاهنوار راڄپر سيٺارجا شهر اندر مختلف ڪريانه ، گوشت، سبزي ۽ ٻين دڪاندارن تي اوچتا ڇاپا هنيا، غير معياري مدي خارج کاڌي پيتي جي شين ، گوشت ۽ سبزي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن کان هزارين روپيه ڏنڊ وصول ڪيا ان موقعي تي اسسٽنٽ مختيار ميرواهه راشد شاهنواز راڄپر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر خيرپور نعيم سنڌو جي حڪمن تحت ميرواهه تعلقي جي مختلف شهرن ٺري ميرواهه ، بوزداروڏا، ٽنڊو ميرعلي، سيٺارجا ، سئي گئس ۽ ٻين شهرن ۾ اهڙيون ڪاروايون عمل ۾ آنديون وڃن ٿيون هن چيو ته هنن شهرن اندر اوچتو هر هفتي ڇاپا هڻي غير معياري مدي خارج ۽ هٿرادو واڌو اگهه وٺندڙ  دڪاندارن خلاف ڪارايون ڪيون وينديون هن چيو ته ميرواهه تعلقي جي مڙني شهرن جي شهرين کي التجا ٿي ڪجي ته اهڙي غير قانوني ملوث دڪاندارن جي نشاندهي ڪن ته جيئن کاڌي پيتي جي شين کي صاف شفاف ۽ مناسب اگهه مقرر ڪرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهي هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواهه ، مختيارڪار ٺري ميرواهه ۽ منهنجو فون نمبر 24 ڪلاڪ هن سلسلي ۾ کليل رهي ٿو جنهن به شهري کي هن سلسلي ۾ ڪابه شڪايت هجي ته اهو فوري طور  تي اسان سان رابطو ڪري سگهي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو