نظرثاني ڪيس، پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن کان محروم

نظرثاني ڪيس، پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن کان محروم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواستون قبول ڪيون ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو، پاڪستان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏنو.سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ اٽارني جنرل جا دليل اڄ مڪمل ٿي ويا ۽ انهن دليلن سان نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ختم ٿي وئي. ان موقعي تي جسٽس امين الدين خان چيو ته مختصر فيصلو جلد ٻڌايو ويندو. بعد ۾، سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان هڪ مختصر فيصلو ڏنو. سپريم ڪورٽ، 7 جي مقابلي ۾ 5 جي اڪثريت سان، نظرثاني درخواستن کي قبول ڪيو ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکيو، پاڪستان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏنو.مخصوص سيٽون مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين کي ڏنيون وينديون.فيصلو 7 ججن جي اڪثريت سان ڏنو ويو، جن ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس شاهد بلال، جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس علي باقر نجفي شامل هئا.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس صلاح الدين پنهور پاڻ کي بينچ کان الڳ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي شروعاتي ٻڌڻي ۾ نظرثاني درخواستون رد ڪري ڇڏيون. جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس محمد علي مظهر مشروط جائزي جي منظوري ڏني، جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل 39 سيٽن جي حد تائين پنهنجي راءِ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو. جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي اقليتي فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي رڪارڊ ڏسڻ گهرجي ۽ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن کي ڪيتريون مخصوص سيٽون ملنديون. آئيني بينچ مخصوص سيٽن جي جائزي جي منظوري ڏيندي هڪ مختصر فيصلو جاري ڪيو، جنهن تي 12 رڪني بينچ مان 10 ججن جا دستخط آهن.مختصر تحريري فيصلو چار صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نظرثاني بينچ 13 ججن تي مشتمل هئي، ٻن ججن، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي، پهرين ڏينهن تي اهي درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جڏهن ته جسٽس صلاح الدين پنهور بينچ کان الڳ ٿي ويا. مختصر فيصلي موجب، نظرثاني درخواستون ست ججن جي اڪثريت سان منظور ڪيون ويون، سڀني سول نظرثاني درخواستن کي منظور ڪيو ويو ۽ 12 جولاءِ 2024 جي اڪثريتي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو، پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو بحال ڪيو ويو. آئيني بينچ هڪ مختصر فيصلي ۾ چيو ته جسٽس جمال خان مندوخيل 41 سيٽن تي نظرثاني جو فيصلو ڏنو هو، ۽ جسٽس جمال مندوخيل جو 39 سيٽن تي پراڻو حڪم اڃا تائين لاڳو آهي. مختصر فيصلي موجب، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي هئي ته 80 اميدوارن جي نامزدگين جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي ۽ 15 ڏينهن اندر فيصلو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو