مختلف شهرن ۾ زرداري ۽ فريال جي گرفتاري خلاف احتجاج جاري

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ڇنڇر تي به پيپلزپارٽي جي اڳواڻن آصف علي زرادري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتارين خلاف احتجاج جاري رهيو، ڪجهه شهرن م وڪيلن عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ به ڪيو، پي پي ڪارڪنن جلوس ڪڍيا، نيب گردي بند ڪريو جا نعرا هنيا، ٽائر ساڙيا ۽ مطالبو ڪيو ته احتساب جي اوٽ ۾ انتقام بند ڪريو. نوشهرو مان مشتاق حسين مري موجب ضلع بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي ضلعي جي مڙني ماتحت عدالتن مورو، ڪنڊيارو۔ ڀريا، محرابپور، نوشھروفيروز جي وڪيلن پاران پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر جي گرفتاري تي عدالتي ڪاروهنوار جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ضلع بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن صدر عبدالرحيم عباسي، امتياز حسين  ميمڻ، اياز علي مري، سيد زاهد شاھ ۽ ٻين چيو ته ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ بعد فريال ٽالپر جي گرفتاري سياسي انتقام جو بدترين مثال آهي. هوڏانهن جيالن پڻ احتجاجي جلوس ڪڍيو. مورو مان مورائي اياز سولنگي مطابق پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. اڳواڻي پي پي تعلقه صدر دوست علي سولنگي,وڏيرو علي اصغر سولنگي, سعادالله ڪلهوڙو, اسماعيل ڪورائي , رحيم بخش زرداري, لياقت سولنگي,خان محمد اعواڻ, خان ڏاهري, علي گل خاصخيلي, علي اڪبر سمون ,نثار ميمڻ, راجا ميمڻ, بلاول زرداري, موجن زرداري, جاويد ڪانڌڙو, حماد سولنگي , خالد سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن جي هٿن ۾ پي پي جا جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ هئا. جڏهن ته ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا پوليس جو گشت جاري رهيو.

قبو سعيد خان مان خادم حسين جاگيراڻي موجب پاڪستان يوٿ ونگ جي صوبائي صدر جاويد ناياب لغاري ۽ ضلعي قمبر ، شھدادڪوٽ يوٿ ونگ جي صدر نواز خان لغاري  جي هدايت تي ڪچي پل  ۾ پاڪستان يوٿ ونگ جي اڳواڻن  ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مظاهرين  نيازي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مٺي مان لياقت نهڙيو مطابق جيالن جلوس ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو. پ پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي. نند لال مالهي. ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي. سشيل ملاڻي. ڪملا ڀيل. سمترا منجياڻي. موهن ميگهواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل احتجاجي ريلي شھر جو گشت ڪرڻ بعد ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. خيرپو مان مجاهد سولنگي موجب نواب علي وساڻ جي هدايتن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالن ٽي ڪلو ميٽر پيادل وساڻ هائوس خيرپور کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن سيد روشن علي شاهه، سيد اڪرام شاهه، عبدالحميد عباسي،  وڪيل شير محمد ٻرڙو، مير سجاد ٽالپر، محمد عثمان سولنگي، سردار عذير گهمرو، شاهد علي راجپوت، عارف خان مهر، عبدالرحيم عباسي، سڪندر ڦلپوٽو ۽ ٻين چيو ته عمران نيازي توهان خوش نه ٿيو توهان جي حڪومت هاڻي جيالا ختم ڪندا،  نيب گردي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ميھڙ مان غلام حسين پنھور موجب پيپلز يوٿ تعلقي ۽ سٽي پاران آصف زرداري رھائي ڪاميٽي ضلع دادو جي اڳوڻي صدر امير علي سھول جي رھائشگاه کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. نظر پنھور , پرويز پنھور , عبدالحميد قمبراڻي , جميل مھيسر , عبدالغفار ايري , امير سھول , حبدار شاه , ممتاز سولنگي . عبدالنبي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جلوس مختلف رستن کان ٿيندي گھنٽا گھر چوڪ پھتي جتي وزيراعظم عمران خان ۽ نيب چيئرمين جا پتلا ساڙيا ويا بعد ۾ ريلي پريس ڪلب تي اختتام پذير ٿي.

غوثپور مان عبدالنبي ملڪ مطابق پي پي پي ٽائون غوثپور جي تعلقه صدر ڏاڏو جکراڻي، مختيار علي ميراڻي لال خان بجاراڻي ۽حاجي شاهنواز شيخ قدرت الله ميراڻي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن پريس ڪلب غوثپور ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو۔ان موقعي تي اڳواڻن نيب جي چئيرمين ۽ ملڪ جي وزير اعظم خلاف سخت نعريبازي ڪئي. بلڙي شاه ڪريم مان لال بخش سٺيو مطابق تعلقي جا سوين جيالا روڊن تي نڪري آيا، يوسي صدر عبدالحسين جسڪاڻي نور محمد ڪوريجي جي اڳواڻي ۾ جيالن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون جهنڊا ۽ بينر کڻي نيب ۽ وزير اعظم خلاف سخت نعري بازي ڪئي . احتجاجي ريلي ۾ تعلقي صدر ڊاڪٽر محمد ايوب جت، جنرل سيڪريٽري نظير جلالاڻي سيد منصوب شاھ، سٽي بلڙي شاه ڪريم جي صدر محمد حسن عرف پپو ميمڻ، پارٽي جو جهونو اڳواڻ شهڪ خان رند، جهانزيب جت، شهمير خان رند حاجي محمد اسماعيل ميمڻ يوسي بلڙي شاه ڪريم جي چيرمين يار محمد لاشاري محمد عثمان سومرو ولي محمد ترڪ عاجز لاشاري عبدالشڪور جماري عبدالشڪور کوڏيو ننڍي قد وارو پ پ جيالو غلام مصطفي جسڪاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته نيب پهرين عليمه خان ۽ بني گالا جو احتساب ڪري پوءِ ٻين جو، مظاهرين ان موقعي تي سخت نعري بازي ڪندا رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو