ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ محرم الحرام دوران فليگ مارچ ۽ اسنيپ چيڪنگ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ڊي جي رينجرز جي صدارت هيٺ رينجرز هيڊڪوارٽرز ۾ سيڪيورٽي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو.ان حوالي سان رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڪمشنر، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي آپريشنز پڻ شرڪت ڪئي.رينجرز ترجمان موجب اجلاس ۾ سيڪيورٽي قدمن ۽ ايڪشن پلان جي منظوري ڏني وئي.ترجمان جو چوڻ آهي ته محرم الحرام ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ عوام ۽ عالم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن.
