محبت جي طاقت، 6 فٽ جي ڪنوار 2 فٽ جي گهوٽ، دنيا ۾ ڌوم

اوسلو(ويب ڊيسڪ) چوندا آهن ته عشق انڌو هوندو آهي ۽ محبت ۾ قد ڪاٺ ناهن ڏسبا، اهڙو ئي ڪجهه ٿيو آهي ناروي جي گادي واري شهر اوسلو ۾، جتي 2 فٽ جي گهوٽ ۽ 6 فٽ جي ڪنوار سان لانئون لهي دنيا ۾ ڌوم مچائي ڇڏي آهي. سندن شادي جي ويڊيو دنيا ڀر ۾ وائرل ٿي وئي آهي ۽ لکين ماڻهن ويڊيو نه صرف وڏي دلچسپي سان ڏٺي آهي پر ان کي پسند به ڪيو آهي. شادي جي تقريب ۾ 13 ملڪن جي مهمانن شرڪت ڪئي. جوڙو پاڪستاني نزاد ناروين آهي. گهوٽ جو نالو برهان چشتي عرف بوبو آهي ۽ ڪنوار جو نالو  فوزيه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو