مجلسن ۽ عزاداري جو سلسلو جاري، سيڪيورٽي جا انتظام سخت

ڪراچي (نمائندن وٽان) پوري عالم اسلام جيان شھداءِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثارن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ اندر مجلس عزا ۽ ماتمداري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جڏهن ته امام بارگاهن ۽ ماتمي روٽن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام پڻ ڪيا ويا آهن. چوهڙ جمالي مان ناشاد ملاح مطابق امام بارگاھ نھر فرات، امام سادات امام بارگاہ ۾ عشرہ محرم الحرام شھداءِ ڪربلا جي حوالي سان مجلسون برپا ڪيون ويون جنھن کي مولانا اياز علي چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته حضرت امام حسين عليہ السلام۽ سندس جانثارن سن 61 ھ ۾ ڪربلا جي ميدان تي عظيم قربانيون ڏئي ڪري اسلام جي بقا ۽ اسلام کي زندهه رکيو آھي. اسان سڀني ملسمانن کي بين الا تحاد مسلمين جي پليٽ فارم تي ھڪ ٿي ڪربلا جي شھيدن جا ڏھاڙا عقيدت احترام سان ملھائڻ گھرجن. ان کان علاوهه ڳوٺ مولابخش سنجراڻي جي مسجد و امام بارگاہ حضرت ابو طالب عه ۾ پڻ مجلس عزا منعقد ڪئي ويئي جنھن کي ذاڪر اھلبيت غلام نبي حبدار، اياز علي سنجراڻي پڻ خطاب ڪيو.*** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ مطابق عشره محرم الحرام دوران ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاهه پاران امن امان ۽ ڪنهن اڻوڻندڙ واقعو پيش اچڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان جاري ڪندي ضلعي جي مسجدن ۽ امام بارگاھن سميت مختلف رستن لاءِ  3060 پوليس اھلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته ضلعي اندر 48 ماتمي جلوس نڪرندا جنھن مان 10 جلوس حساس۽ 38 انتھائي حساس قرار ڏنل آھن.پوري ضلع اندر210 مجلسون ٿي رھيون آھن 60 مجلسون حساس ۽ 150 انتھائي حساس ڪرار ڏنيون ويون آھن.ڪشمور ضلع جي داخلي ۽ خارجي رستن تي اضافي پوليس چوڪيون قائم ڪندي چيڪنگ جو عمل سخت ڪيوويو آھي.جڏھن ته سنڌ بلوچستان جو بارڊر سيل ڪندي 24 ڪلاڪ پوليس گشت جاري رکيو ويندو. اھو به ڄاڻايو ويو آھي ته پوري ضلع اندر 50 کان وڌيڪ موبائلون گشت ۾ مصروف رھنديون جنھن ۾ پوليس ڪمانڊوز ۽ 150 رينجرس اھلڪارپڻ فرائض سرانجام ڏيندا.*** سکر مان امداد علي ڪلوڙ مطابق پوليس انتظاميا پاران محرم الحرام جي سيڪيورٽي پلان لاءِ چار ھزار سيڪرٽي اھلڪار مقرر پھرين محرم الحرام کان ٻارنھن تارخ تائين 145 قلم لاڳو ڪيو ويو آھي ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون  پاران سيڪيورٽ پلان تحت سکر ۾ 1280 مجلس جنھن لاء 4000 ھزار پوليس اھلڪار 500 رينجرس جوان اڻ وڻندڙ واقعي لاءِ پاڪ آرمي چا جوان الرٽ ھوندا. رينجرس اھلڪار ۽ پاڪ آرمي جون 3 ڪمپنيون شامل ھونديون. ضلعي ۾ ماتمي مجلس ۽ جلوسن جي نوعيت 90 نارمل 5 انتھائي حساس 50 حساس، 818 نارمل 70 انتهائي حساس ۽ 400حساس قرار ڏنيون ويو آھن. محرم الحرام جي ڪري پوليس اھلڪار جون موڪلون پڻ رد ڪيون ويون آهن.*** مٽياري مان رياض چانڊيو مطابق پهرين محرم الحرام جو ساليانو ماتمي جلوس هاشمي امام بارگاھ کان برآمد  ڪيو ويو . جنهن ۾ ناليواري نوحا خوان داد سنڌي، انجمن غلامان اهلبيت، انجمن غم دستار حسين ( محسن پارٽي ) انجمن دعاءِ سيده ( سيد سڪندر شاھ پارٽي) ۽ ٻين مختلف نوحه خوانن ۽ انجمنن نوحا خواني ڪئي.

ذاڪر اهلبيت سيد جواد شاھ حسيني آل محمد جي لازوال قربانين تي روشني وڌي ان کان علاوه ماتمي جلوس ۾  حضرت غازي عباس علمبردار جو الم پاڪ پڻ برآمد ڪيو ويو جلوس پنهنجن روايتي رستن جيجي آمون بيبي جي پڙ، مرڪزي امام بارگاه حسينه سجاديه، امام بارگاه ڪابل جو پڙ، امام بارگاه ڪڇين جو پڙ کان ٿيندو وري هاشمي امام بارگاھ تي نهر ٿيو. ماتمي جلوس ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظامات ڪيا ويا هئا ۽ ايس ايڇ او مٽياري اعجاز سومرو وڏي پوليس نفري سان پاڻ جلوس جي نگراني ڪندو رهيو.*** مورو مان اياز علي سولنگي مطابق مورو ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ صفائي  ۽ امن امان جي حوالي سان انجمن الحسيني جي اڳواڻن جنهن ۾ سادات اڳواڻ  سيد ڪاظم علي شاھ، جاويد المصطفي ڪانڌڙو، سيد ڪوڙل شاھ، اي سي مورو سيد مدثر علي شاھ،  ميونسپل چيئرمين نظير ميمڻ، ڊي ايس پي مورو عبدالله لاکير، سي ايم او خليق سيهڙ، ايس ڊي او واپڊا اسد ميمڻ سميت ٻين آفيسرن سان گڏجي مرڪزي امام بارگاھ الحسيني کان پوري ماتمي جلوس جي روٽن جو جائزو ورتو.صفائي ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ انتظاميا سان ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي سادات اڳواڻ سيد ڪاظم علي شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو اسان جو قافلو امن جو پيغام ڏئي ٿو قافلي جي روايتي روڊ رستن تي اسان کي صفائي بهتر کپي ۽ امن جي سلسلي سان انتظاميا مان اميد ڪجي ٿي ته سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي ويندي.*** سڪرنڊ مان راج ڪمار اوڏ مطابق ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاھ  محرم الحرام جي دوران صورتحال جو جائزو وٺڻ، معلومات حاصل ڪرڻ ۽ عوام جي سهولت لاءِ ڊويزنل ڪنٽرول روم قائم ڪيو آهي. ڪنٽرول روم 13 محرم تائين  کليل رهندو ۽ ان جي لاءِ واسطيدار عملي جون شفٽ وائيز ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن. *** دادو مان ادل مهيسر مطابق محرم الحرام جو چنڊ نظر ايندي ئي ياحسين يا حسين عه جون صدائون بلند عزدارين جو سلسلو جاري، جڳھ جڳھ تي سبيلون قائم امام بارگاھن پڙن ۽ گھرن تي علم پاڪن جو نصب ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. سورج آباد پاڙي ۾ سيد مصري شاھ جي حويلي تي مجلس عزا بعد ماتمي جلوس سيد جاني شاھ جي قيادت ۾ ڪڍيو ويو مومنن سينازني ڪئي. ٻئي طرف پير محمد مراد واٽر سپلاءِ امام بارگاھ سفينه قلندري تي مجلس عزا بعد ماتمي جلوس سيد منطور حسين شاھ، ممتاز علي شاھ جي نگراني ۾ ڪڍيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو