“مان شهر اوڏيرو ٽيشڻ جو” ڪتاب جي مهورتي تقريب

مٽياري (رياض چانڊيو) اوڏيرولال اسٽيشن جي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ  احساس ميرل سهتو جي ڪتاب “مان شهر اوڏيرو ٽيشڻ جو” جي مهورتي تقريب ٿي گذري جنهن جي صدارت  نالي واري اديب منظور جوکيو ڪئي. جڏهن ته ڪتاب جي  مهورتي تقريب ۾  اديب دانشور ۽ ليکڪ ڊاڪٽر محمود مغل ، نالي واري شاعر  معشوق ڌاريجو ، ڄام محبت سهتو  ۽ ٻين  شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هنن خطاب ڪندي چيو ته  ميرل سهتو هن ڪتاب جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي مهمان نوازي سميت پنهنجي دل جون ڳالهيون به ونڊيون آهن، ڪتابن کان پري ٿيندڙ نوجوانن لاءِ ميرل سهتو هڪ مثال آهي ، جنهن پنهنجي شهر جي نوجوانن کي ڪتابن طرف گامزن ڪرڻ لاءِ هڪ لائبريري قائم ڪئي آهي . هنن چيو ته اڄ جي نوجوانن کي گهرجي ته ڪتابن سان محبت ڪن ڇو جو ڪتاب ئي اسان جا  سٺا دوست ٿي سگهن ٿا.  هنن چيو ته ،ميرل سهتو ٿوري عرصي ۾ ادب لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي اسان کيس هن ڪتاب تي مبارڪون پيش ڪريون ٿا. ان  موقعي تي ممتاز خادم ميمڻ ، مسڪين سمون ، فرهاد جروار ، بشير احمد ڪٻر ، راڄا رستم پالاري ، شبيرسيال ، فدا سنجراڻي سهراب ڀاٽي ، قاضي مقصود، امداد شاهه بخاري ، اداس سولنگي ، فقير ڍول ، بلاول خشڪ ۽  امين اڏيرائي سميت ٻين شاعرن اديبن ۽ ليکڪن  وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو