مال پڙي عذاب بڻيل، روڊ رستا بند، شهري پريشان

ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) هر هفتي لڳندڙ تلهار مال پڙي جتي مال جي واپار سانگي ايندڙ واپارين پاران حيدرآباد بدين روڊ تي گاڏيون بيهاري مال جو واپار ڪرڻ ۾ مشغول ۽ مصروف رهن ٿا جنهن جي ڪري ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين سميت ايمرجنسي ۾ مريضن کي کڻي ويندڙ ايمبولينس گاڏين کي سخت مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون ۽ سيريس مريضن کي ٽائيم تي اسپتال نه پهچڻ سبب سندن طبعيت ويتر گڻتي جوڳي حالتن مان گذري ٿي. ڪيترائي مريض مال پڙي لڳڻ ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ مين روڊ بند ٿيڻ سبب اسپتال پهچڻ کان اڳ ۾ فوت ٿيو وڃن جڏهن ته انتظاميه جي نااهلي جي ڪري مال پڙي جي با اثر ٺيڪيدار خلاف اڄ تائين ڪا به قانوني ڪارورائي ناهي ڪئي وئي  جنهن سبب مسافرن توڙي مريضن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هتان جي رهواسين ضلعي انتظاميه  کان گهر ڪئي ته فوري طور تلهار مال پڙي جي بااثر ٺيڪيدار خلاف ترت ڪارروائي ڪري حيدرآباد بدين مين روڊ تان گاڏين جي ٿيندڙ بي انتها رش ۽ مال جي واپارين کي مين روڊ تان هٽائي رستي کي ٻنهي طرفن کان آجو ۽ صاف ڪرائي مسافرن توڙي مريضن کي در پيش ايندڙ تڪليفن مان نجات ڏياري وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو