لغاري برادري تڪرار، چڱو مڙس قتل، هٿياربند فرار

سيوهڻ (رميز علي سولنگي) ڀان سيدآباد ۾ لغاري برادريءَ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار ۾ ڳوٺ جو نيڪ مرد محمد خان لغاري  مٿان  لغاري برادري جي ٻي ڌر جي نامعلوم ماڻهن هاءِ اسڪول ڀان سيد آباد ڀرسان سندن ذاتي دڪان تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو. جنهن کي نازڪ حالت ۾ سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوهڻ ڏانهن منتقل ڪيو ويو جتي محمد خان لغاري زخمن جا سور نه سهندي انتقال ڪري ويو. مرحوم جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو