لداخ سرحدي تڪرار، ڇا انڊيا چين جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي؟

15 ۽ 16 جون جي وڄ واري رات چين ۽ ڀارتي فوج ۾ ٿيل جهڙپ ٻنهي ملڪن کي جنگ جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي. لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول يعني ايل اي سي، جي ٻنهي پاسن کان ايشيا جي ٻن وڏن طاقتور ملڪن جون فوجون بيٺل آهن. پوئتي ھٽڻ لاءِ ڪمانڊر سطع تي ڳالهيون جاري آهن. ليڪن اڃا به حالتون معمول تي ناھن آيون. چين ۽ انڊيا وچ ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ کي ڪيترن ئي طريقن سان تشريح ڪئي پئي وڃي. ڪجهه تجزيا نگار چين جي ون بيلٽ ون روڊ انيشيٽو يا بي آر آئي اندر ان جون پاڙون تلاش ڪري رھيا آھن جيڪو سموري دنيا اندر پنهنجي سرمائيداري کي وسعت وٺرائڻ لاءِ چين جو ھڪ وڏو منصوبو آهي.

ان منصوبي هيٺ چين ايشيا ۽ يورپ اندر روڊن بندرگاهن جو ڄار وڇائڻ چاھي ٿو ته جيئن چين جي سامان کي عالمي منڊين اندر پھچائي سگهجي. ان منصوبي اندر دنيا جا ڪيترائي ملڪ چين سان گڏ آهن ٻئي پاسي انڊيا شروع ڏينهن کان ان جي مخالفت ڪندو رهيو آهي. چين، انڊيا کي ان ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششون ڪيون آهن جيڪي پڻ ناڪام رھيون آهن. آمريڪا جي ڊيلاويئر يونيورسٽي جي پروفيسر مقتدر خان جو خيال آهي ته چين جو ھي وڏو منصوبو انڊيا ۽ چين وچ ۾ تازو پيدا ٿيل ڇڪتاڻ سبب ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته انڊيا پاران لداخ اندر چين کي للڪاريو ويو آهي. انڊيا جنهن رستي جي تعمير ڪري رهيو آهي اھو لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول لائين تي سڌو چين جي سرحد طرف وڃي رهيو هو. ڀارت جو اھو اسٽريٽجڪ روڊ چين جي توسيع پسندانا ايجنڊا لاءِ چيلينج بڻيل آهي. چين سمجهي رھيو آھي ته انڊيا سندس ون بيلٽ ون روڊ انيشيٽو کي چيلينج ڪرڻ لاءِ اھو روڊ تعمير ڪري رهيو آهي.

جڏهن ته دھلي جي جواھر لال نھرو يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ چين جي امور جي ماھر سورن سنگهه جو خيال آهي ته چين ڪنهن به وقت پنهنجي سرمائيداري جو تحفظ ڪرڻ چاھي ٿو مگر انڊيا چين جي ون بيلٽ ۽ ون روڊ انيشيٽو لاءِ ھڪ چيلنج جيان بيٺو آهي. چين جو مقصد دنيا اندر وڏا وڏا پروجيڪٽ شروع ڪري سرمائيداري ڪرڻ آهي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي اقتدار ۾ رھڻ لاءِ گذريل چئن ڏهاڪن کان سرمائيداري تي زور ڏنو آهي ۽ انهيءَ زور تي ڪميونسٽ پارٽي اقتدار ۾ قائم رھي سگهي ٿي ۽ ان دوران اگر ڪوئي سندس سرمائيداري وچ ۾ آيو ته چين انکي برداشت نه ڪندو. پروفيسر مقتدر خان جو چوڻ آهي ته ڊوڪلام ۾ به سن 2017 ۾ انڊيا ۽ چين وچ ۾ انھي جيان سرحدي تڪرار پيدا ٿيو هو. چين ون بيلٽ ون روڊ هيٺ پنهنجو ھڪ ھائي وي ڀوٽان رستي تعمير ڪري رهيو هو پر انڊيا ڀوٽان سان پنهنجا تاريخي تعلقات استعمال ڪندي ان پروجيڪٽ کي ڀوٽان ذريعي روڪرائي ڇڏيو هو.

چين لاءِ بي آر آئي ايترو اھم ڇو آهي؟

پروفيسر خان جو چوڻ آهي ته چين جو بي آر آئي آفريڪا ۾ يورپ جي سوئز ندي بڻائڻ جيان آهي. سوئز ندي کان پھريان ماڻهو جڏهن ايشيا ايندا هئا تڏهن انھن کي آفريڪا جو چڪر لڳائي وڃڻو پوندو هو. سوئز ندي تجارتي ۽ فوجي اچ وڃ آسان بڻائي ڇڏي ھئي ۽ وقت به گھٽ لڳندو هو. چين جي بي آر آئي جو مقصد ايشيا کي يورپ سان ملائڻ آهي. پروفيسر خان جو چوڻ آهي ته چين جو ٻيو مقصد سندس آبادي جي 1.30 بلين ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ پڻ آهي. چين جي وچولي طبقي تمام تيزي سان ترقي ڪئي آهي جيڪو اعلي سطح جي زندگي گذارڻ جي خواهش رکي ٿو. چين جو مقصد بي آر آئي ۽ ان جي ذريعي ڪاروبار ۾ فائدو وٺڻ ۽ پنهنجي آبادي کي خوش رکڻ ھوندو. پروفيسر سورن سنگهه جو چوڻ آهي ته چين ان اسڪيم ذريعي وڏي پيماني تي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ چاھي ٿو ته جيئن سندس ماڻهن اندر عدم اطمينان پيدا نه ٿي.

سندس چوڻ آهي ته تجارت کان کانسواءِ چين پاران سرمائيداري جو مقصد پنهنجي ملڪ جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. سندس فيڪٽرين اندر پيداوار لاءِ نيون منڊيون پيدا ٿين ۽ چين ۾ جمع ٿيل پيسي لاءِ سرمائيداري جا موقعا فراهم ٿين.

چين جي ڄار ۾ ڦاٿل انڊيا ؟

پروفيسر خان جو چوڻ آهي ته بي آر آئي جھڙا وڏي منصوبا شروع ڪرڻ چين جي مجبوري آهي ڇو جو ھن کي سندس معاشي واڌ جي  شرح کي برقرار رکڻو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته اگر توهان جنوبي ايشيا کي ڏسندو ته چين پاران شروع ڪيل ون بيلٽ ون روڊ تحت تعمير ٿيندڙ چين جا روڊ ۽ بندرگاهون ھڪ طرح سان انڊيا کي گھيري ۾ آڻي رھيون آهن. چين پاران سريلنڪا اندر ھنمبنٽوٽا نالي ھڪ بندرگاهه بڻايو آهي جنهن تي ھن وقت چين جو مالڪي واري حق آهي. ڀوٽان ۽ بنگلاديش اندر به بي آر آئي ۾ اضافو ٿيو آهي. چين سي پيڪ ذريعي پاڪستان اندر به وڏا تعميراتي پروجيڪٽ آڻي رھيو آھي. ھڪ طرح سان توهان ڏسندو ته چين بي آر آئي ايمپائر ذريعي انڊيا کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي رهيو آهي. پروفيسر خان چوي ٿو ته انڊيا لاءِ حڪمت عملي جوڙيندڙ ان منصوبي کي مصيبت طور ڏٺو ھوندو. مگر مان دعويٰ سان نٿو چئي سگهان ته انڊيا لاءِ حڪمت عملي جوڙيندڙن چين کي انھي نقطي نظر سان ڏٺو ھوندو ته چين آهستي آهستي پنهنجي معاشي سرگرمين ذريعي ڀارت کي چئني پاسن کان پنهنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اگر انڊيا چين جي اھا حڪمت عملي سمجهي چڪو آهي ته پوءِ اھو پڻ چئي سگهجي ٿو ته گلوان جي جدوجهد چين پاران وڇايل ڄار مان نڪرڻ لاءِ انڊيا پاران ھڪ ڪوشش آهي. انڊيا چين جي وڇايل ڄار ۾ ڦاٿل نظر اچي رهيو آهي.

ڇا بي آر آئي جي ڪاميابي لاءِ انڊيا ضروري آهي؟

پروفيسر سورن سنگهه جو خيال آهي ته چين جي بي آر آئي منصوبي جي ڪاميابي لاءِ کيس انڊيا جي ضرورت آهي ڇو جو ھنمبنٽوٽا جي بندرگاهه تي لھندڙ 70 سيڪڙو سامان انڊيا مان ايندو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ سي پيڪ جي تحت تعمير ٿيندڙ بندرگاهه جي نظر به انڊيا جي تجارت تي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته انڊيا چين لاءِ سڀ کان وڏي منڊي آهي جتي ھو وڏي سرمائيڪاري ڪري سگهي ٿو. چين پاڪستان اندر 60 ارب ڊالرن جي سرمائيڪاري جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته انڊيا ۾ 2 سوَ ارب ڊالرن جي سرمائيڪاري جو امڪان آهي. چين ان کان پھريان به انڊيا ۾ سرمائيڪاري ڪري چڪو آهي ۽ ھو وڌيڪ سرمائيڪاري جي امڪانن کي برقرار رکڻ چاهي ٿو مگر ان تي انڊيا جي ڪڙي نظر آھي.

سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته چين کي اڄ دنيا اندر سرمائيڪاري جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ سڀ کان وڏي منڊي انڊيا آهي. مگر سرحد تي ھلندڙ ڇڪتاڻ سبب انڊيا تمام گهڻو ناراض آهي بهرحال چين پاران شروع ڪيل سرمائيڪاري تي بريڪ نه لڳندو بلڪه دنيا اندر جيڪا انڊيا جي ساک آهي ان سان چين جي ون بيلٽ روڊ انيشيٽو ته به اثر پوندو. سندس اهو به چوڻ آهي ته ان منصوبي جا ڪجهه حصا پاڪستان جي زير انتظام ڪشمير ۾ به آهن ۽ انڊيا انھن کي پنهنجي خودمختياري تي ضرب سمجهي ٿو. اگر انڊيا چين جي انھي منصوبي ۾ شامل نٿو ٿئي ته انهن منصوبن مان سندس مالي فائدو وٺڻ مشڪل ٿي ويندو.

چين مقروض ملڪن ۾ عدم اعتماد کان بيچين آهي؟

بي آر آئي تحت چين جا قرضي ٿيندڙ ملڪ چين جي خلاف پھريان ئي ڪجهه ناراض ھئا ۽ ھاڻي ڪورونا وائرس سبب ناراضگي ڪجهه وڌي آهي. پروفيسر سورن سنگهه جو چوڻ آهي ته چين کي ڊپ آھي ته ون بيلٽ ون روڊ انيشيٽو تحت جاري ڪم بند ٿي سگهي ٿو مگر چين ڪنهن به قيمت تي پنهنجي منصوبي کي بچائڻ چاهي ٿو ڇو جو دنيا ۾ طاقتور بڻجڻ لاءِ چين جو ھي سڀ کان وڏو ھٿيار آهي. مگر ھاڻي دنيا جا اڪثر ملڪ چين جي سرمائيڪاري ۽ قرض کان ھوشيار ٿي چڪا آهن ۽ انھن ملڪن اندر ھڪ نئين سوچ پيدا ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ آهي ته چين کي شايد اھو احساس ٿي چڪو آهي ته سندس منصوبو خطري ۾ پئجي سگهي ٿو ڇو جو جڏهن چين جي پارليامينٽ ۾ تازو اجلاس ٿيو ته ان اندر چين جي صدر پاران جاري ڪيل سال واري رپورٽ ۾ واضع طور چيو ويو هو ته چين پنهنجي معاشي ترقي جي شرح کي وڌائڻ لاءِ ٻه ڪم ڪري، پھريون ھو پنھنجي اندروني کپت ۾ اضافو ڪندو ته جيئن ٻاهرين ملڪن لاءِ تجارت رڪجي وڃي ته ھنن جي معيشت نه رڪجي، ٻيو سندس چوڻ ھو ته چين رڳو اعلي سطح جي پروجيڪٽن تي توجهه ڏي، يعني چين اڄ تائين جيڪو ٻين ملڪن اندر وڃي جيڪي منصوبا شروع ڪيا آهن شايد چين انهن منصوبن جي مخالفت کي نوٽ ڪيو آهي.

ڇا انڊيا جا اسٽريٽجڪ روڊ بي آر آئي لاءِ خطرو آهن؟

پروفيسر سورن سنگهه جو چوڻ آهي ته انڊيا ويجهڙ واري سالن ۾ لداخ ۾ جنگي حڪمت عملي جي اھميت کي ڏسندي روڊ تعمير ڪيا جن کي چين بي آر آئي منصوبي لاءِ خطرو سمجهي سگهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته چين گذريل ٽيهه چاليهه سالن ۾ سرحدي پاسن ۾ ڪيترائي پل ۽ روڊ تعمير ڪيا آهن ۽ چين سمجهي ٿو ان قسم جي بنيادي ڍانچي جي ترقي سان فوج کي فائدو ٿيندو . چين به انھي لاءِ پريشان آهي ته انڊيا به پنهنجي پاسي کان روڊ تعمير ڪري رهيو آهي.

سنڌيڪار امان الله سومرو

چين انڊيا جي ايئر فيلڊ ‘دولت بيگ اولڊي’ سبب به بيچين آهي. چين سمجهي ٿو ته انڊيا جي ان ايئر فيلڊ کي اسٽريٽجڪ چوڪي جي طور استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ ان سان چين جي تبت ۽ پاڪستان وڃڻ وارا مستقبل جا روڊ خطري ۾ اچي سگهن ٿا.(هي مضمون بي بي سي هندي سروس جي دلنواز پاشا جو لکيل آهي جيڪو سنڌيار لاءِ امان الله سومرو ترجمو ڪيو . اسين بي بي سي ٿورن سان هي مضمون ۽ تصويرون شايع ڪري رهيا آهيون. تصويرون بي بي سي جي بقول ته اي ايف پي جون آهن)

پهنجو تبصرو موڪليو