لاڙڪاڻي واسي جو فلپائني ناريءَ سان وڊيو ڪال تي نڪاح

لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي شهر جي غازي عباس ڪالوني جي رهواسي نوجوان اوشاق احمد شيخ فلپائني ناري منوڪا سان ويڊيو ڪال تي نڪاح ڪري ڇڏيو.نڪاح جي تقريب شهر جي سمبارا هوٽل تي ٿي گذري جنهن ۾ نوجوان جي والدين، ويجهن مٽ مائٽن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري گهوٽ کي گلن جا هار پارايا ويا.نڪاح واري تقريب ۾ گهوٽ اوشاق احمد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ منوڪا سان انٽرنيٽ تي رابطو هيو جنهن سان اڄ ويڊيو ڪال تي شادي ڪئي آهي. هن چيو ته شادي ڪرڻ کان پوءِ مان انتهائي خوش آهيان، تمام جلد فلپائن وڃي پنهنجي ڪنوار کي ڏيهه آڻيندس. نوجوان ۽ ناري جي وڊيو ڪال تي نڪاح جي خبر سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي دلچسپ تبصرا پڻ ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو