لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف جي درخواست تي فل بينچ جوڙي ڇڏي

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ سنگين غداري ڪيس لاءِ قائم ڪيل خصوصي عدالت ۽ ڪارروائي خلاف داخل پرويز مشرف جي درخواست تي ٻڌڻي لاءِ جسٽس مظاهر علي نقوي جي سربراهي ۾ 3 رڪني فل بينچ جوڙي ڇڏي آهي. اڳوڻي فوجي حڪمران جنرل (ر) پرويز مشرف خصوصي عدالت طرفان ان خلاف موت جي سزا ٻڌائڻ کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ان جي جوڙجڪ ۽ ڪارروائي کي غير آئيني قرار ڏيندي ان کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي. جسٽش مظاهر علي اڪبر نوقي 17 ڊسمبر تي پرويز مشرف تي مرڪزي ۽ مختلف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي هئي پر چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي فل ڪورٽ جوڙڻ جي سفارش ڪئي هئي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ 3 رڪني فل بينچ جوڙي وئي جنهن ۾ جسٽس امير ڀٽي ۽ جسٽس مسعود جهانگير شامل آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني فل بينچ پرويز مشرف جي درخواستن تي ٻڌڻي 9 جنوري تي ڪندي. واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي ۾ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ بينچ جي سامهون وفاقي حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل اشتياق اي جڏهن ته پرويز مشرف طرفان ان جا وڪيل خواجه طارق رحيم ۽ اظهر صديق پيش ٿيا هئا. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اڄ خصوصي عدالت پرويز مشرف خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻي آهي، خصوصي عدالت اڄ فيصلو ٻڌائڻ جو به چيو آهي. حڪومتي وڪيل جي جواب تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيستائين ملزم جو 342 وارو بيان رڪارڊ نه ٿو ٿئي تيستائين فيصلو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي. ان تي پرويز مشرف جي وڪيل ٻڌايو ته خصوصي عدالت اڄ تحريري دليل گهريا آهن پر قانوني تقاضا پوري ٿيڻ کان بغير فيصلو نه ٿو ٻڌائي سگهجي. اڳوڻي صدر جي وڪيل جو چوڻ هو ته ان جو موڪل پرويز مشرف علاج لاءِ دبئي ۾ آهي پرويز مشرف جيئن ئي پاڪستان ايندو پنهنجي ڪيسن جو مقابلو ڪندو. جيڪڏهن پرويز مشرف لاهور ۾ ترسي ٿو ته هو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ئي درخواست ڏيندو. ان تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽش مظاهر رمارڪس ڏنا ته عدالت مفروضن تي ٻڌل ڪيس ڪيئن ٻڌي سگهي ٿي جنهن کان پوءِ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي پرويز مشرف جي درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جي سفارش ڪئي جنهن تي اڳوڻي صدر جي وڪيل چيو ته جيستائين فل بينچ ٺهي تيستائين اهو ڪيس نه ٿو ٻڌي سگهجي جنهن بعد عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نذر اڪبر ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم تي مشتمل 3 رڪني خصوصي عدالت اڳوڻي پرويز مشرف کي موت جي سزا جو فيصلو به ان ڏينهن تي ئي ٻڌايو هو جنهن کان پوءِ تفصيلي فيصلو به جاري ڪيو ويو. خصوصي عدالت جي 3 رڪني بينچ 2 هڪ جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي فوجي آمر کي غدار قرار ڏيندي ان کي موت جي سزا ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو