لاهور )ويب ڊيسڪ)پنجاب جي مرڪزي علائقن ۾ صبح کان شروع ٿيندڙ تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.لاهور جي علائقي گلشن راوي ۾ سڀ کان وڌيڪ 181 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته جوهر ٽائون ۾ 156 ملي ميٽر، لڪشمي چوڪ ۾ 167 ۽ نشتر ٽائون ۾ 160 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.تاجپوري ۾ 165 ملي ميٽر، گلبرگ ۾ 101، ايئرپورٽ ايريا ۾ 88، قرطبه چوڪ ۾ 149، اقبال ٽائون ۾ 142 ۽ پني والا تلاءَ ۾ 161 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.مال روڊ ۾ 105 ملي ميٽر، مغلپورا ۾ 136 ملي ميٽر ۽ جيل روڊ ۾ 92 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.لاهور ۾ تيز برسات سبب روڊ رستا دريائن ۽ واهن جو منظر پيش ڪرڻ لڳا آهن ۽ بجلي جو نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو آهي.ليسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته 70 فيڊرز تان بجلي جي فراهمي عارضي طور تي معطل آهي.ٻئي طرف موسميات کاتي مون سون جي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته برساتن جو سلسلو 26 جولاءِ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
