لانگ مارچ لڳ خود ڪش حملو، مينگل ۽ ساٿي محفوظ

لانگ مارچ لڳ خود ڪش حملو، مينگل ۽ ساٿي محفوظ

مستونگ(ويب ڊيسڪ)ڇنڇر تي منجهند ڏاري بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي جلوس لڳ خودڪش ڌماڪو، سردار اختر مينگل ڪارڪنن سميت محفوظ رهيو. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (BYC) جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتاريءَ خلاف سردار اختر مينگل وڍ کان ڪوئٽا تائين لانگ مارچ ڪري رهيو آهي. بلوچستان حڪومت کين ڪوئٽا ۾ جلسي يا جلوس جي اجازت ناهي ڏني. بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سندن نمائندا لانگ مارچ وارن سان رابطي ۾ آهن ۽ ڳالهين ذريعي اميد آهي ته مسئلو حلو ٿي ويندو. مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ مارچ ڪندڙ گاڏين جي قافلي ۾ جمعي تي صبح 9 وڳي مينگل جي آبائي شهر وڍ کان ڪوئيٽا ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. اڄ، لانگ مارچ جيئن ئي مستونگ جي ويجهو پهتو ته پوليس کين روڪڻ ۽ منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 250 جي لڳ ڀڳ ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. منجهند هڪ وڳي ڌاري جڏهن خوڪش بمبار جلوس لڳ پاڻ کي اڏائي ڇڏيو ته مينگل سماجي رابطي جي ويب سائيٽ “X” تي چيو ته هو “اسانجي ڌرڻي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ هي هڪ ناڪام ڪوشش هئي، مان سڀني پارٽي ڪارڪنن سان گڏ محفوظ آهيان “. مستونگ جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ليويز وارن مشڪوڪ شخص کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ڀڄڻ لڳو، جڏهن کيس روڪيو ويو ته هن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. لانگ مارچ ڪوئٽا کان 30 ڪلوميٽر پري لڪ پاس تي ڌرڻو هنيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو