حيدرآباد(بيورو رپورٽ) اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز اسانجي معيشت ۾ تمام وڏي اهميت رکن ٿا ۽ اسانجي آبادي جو هڪ وڏو حصو انهن شعبن سان لاڳاپيل آهي ۽ انهن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت پاران منعقد ڪيل ٽن ڏينهن واري لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2021 جي سڀاڻي پڄاڻي واري تقريب ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. اها ڳالهه هن آچر تي هٽڙي بائي پاس گرائونڊ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2021 ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته لائيو اسٽاڪ ايڪسپو جو افتتاح سنڌ جي وڏي وزير ڪالهه ڪيو هو.

ڀاڳين جي لاءِ هڪ معلوماتي ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ايونٽ آهي جيڪو ميڊيا جي سهڪار سان ڪاميابي طرف گامزن آهي. هن چيو ته ڪيليفورنيا کانپوءِ اهو دنيا جو سڀ کان وڏو لائيواسٽاڪ ايونٽ آهي ، لائيو اسٽاڪ جي ان ڪامياب ايونٽ جو انعقاد هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي جنهن جو سهرو اسانجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وڃي ٿو جنهن لائيو اسٽاڪ کاتي لاءِ هڪ باصلاحيت وزير جي چونڊ ڪئي.

هن چيو ته لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2021 جو اڄ ٻيو ڏينهن آهي ۽ صوبائي وزير لائيواسٽاڪ عبدالباري کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو جنهن هڪ ڪامياب ايونٽ جو اهتمام ڪيو آهي. هن چيو ته ايڪسپو ۾ پوري ملڪ جا مالوند پنهنجي ناياب نسل جي جانورن کي نمائش ۾ شامل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن تقريب ۾ صوبائي وزيرلائيو اسٽاڪ پنجاب حسنين بهادر دريشڪ هن وقت سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2021 جي مرڪزي تقريب ۾ خاص طور تي موجود آهي .

صوبائي وزير اطلاعات ناصر حسين شاهه پنجاب جي صوبائي وزير جا آمد تي سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اها هڪ سٺي روايت آهي. نمائش جي ٻئي ڏينهن مرڪزي تقريب کي آجياڻي وارو خطاب ڪندي صوبائي وزير انجنيئر عبدالباري پتافي چيو ته ان ايڪسپو جي خاص ڳالهه اها آهي ته سموريون سرگرميون عوام کي هڪ ئي هنڌ ڏسڻ وٽان ملي رهيون آهن.

تقريب ۾ صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ پنجاب حسنين بهادر دريشڪ اهم شخصيتن کي سووينيئر پيش ڪيو . ايڪسپو ۾ مختلف نسلن جي اٺن ، ڪاموري ٻڪري ، پور ڪنڊي مينهن، ڳاڙهي ڍڳي ۽ جانورن جي نمائش جاري آهي. ان موقعي تي ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ ، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ اعجازاحمد مهيسر،ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، ايوب کوسو ۽ نذير ڪيريو به موجود هئا.

ان موقعي تي ميڊيا ٽاڪ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته پي ڊي ايم جي قيادت جو جيڪو به گڏيل فيصلو هوندو ان تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته لانگ مارچ جو فيصلو به پي ڊي ايم جي قيادت ئي ڪندي ۽ منهنجي ذاتي سوچ آهي ته لانگ مارچ ايستيائين جاري رهندو جيستائين وفاقي حڪومت مان نجات حاصل نه ڪئي ويندي . سنڌ ۾ جيڪي به ننڍيون چونڊون ٿيون آهن انهن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي چيئرمين جي سياسي ڏاهپ جو ئي نتيجو آهي. هن چيو ته ڳڻپ جي اعتبار ۽ قانوني طور تي سينيٽ جو چيئرمين يوسف رضاگيلاني آهي ۽ پرزائيڊنگ آفيسر جو فيصلو بدنيتي تي مبني آهي جنهن جو جواب کيس ڏيڻو آهي . هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته طلال چوڌري هڪ ڪارڪن آهي سندس ڳالهه کي ايتري اهميت نٿو ڏيان. هن چيو ته پولنگ بوٿ ۾ ڪيمرا لڳائڻ ملي ڀڳت سان ئي ڪئي وئي هئي ۽ ميڊيا به ان کي پوائنٽ آئوٽ ڪيو آهي ۽ هڪ ڪميرا نه بلڪه ڪيتريون ئي ڪيمرائون ظاهر ٿيون . هن چيو ته شو آف هينڊز هڪ شوشو هو، هي نٿا چاهين ته ائين ٿئي ۽ان حوالي سان ڪا مشاورت به ناهي ڪئي وئي اهو تمام فيصلو تڪڙ ۾ ڪيو ويو .هن چيو ته اسانجي چيئرمين اڳي ئي چيو هو ته وزير اعظم سان سهڪار ڪيو ويندو پر سندس رويو هميشه کان منفي رهيو آهي هي صرف پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪندو آهي. جنهن بعد صوبائي وزير سيد ناصرحسين شاهه ايم پي اي عبدالجبار خان جي رهائشگاهه تي حيدرآباد جي ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي ۽ مسئلا ٻڌا، هن چيو ته تمام جلدحيدرآباد جي مسئلن جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن سان هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ شهر جي مختلف ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويندوجنهن بعد ترجيحي بنيادن تي ترقياتي رٿائن لاءِ فنڊز جاري ڪيا ويندا، گڏجاڻي ۾ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ ، سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون قاسم نويد قمر، پي پي پي اڳواڻ علي محمد سهتو ۽ ٻيا موجود هئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيستيائين ايڇ ايم سي کي انتظامي طور تي بهتر نٿو بڻايو وڃي حيدرآباد جي صورتحال بهتر نٿي سگهندي.










