لائن لاسز گهٽ ڪرڻ ۽ بجلي چوري خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

لائن لاسز گهٽ ڪرڻ ۽ بجلي چوري خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا بجلي جي لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ بجلي چوري خلاف سخت قدمن جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 23 جنوري تي بجلي جي بريڪ ڊائون تي 18 خدشن تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي وئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪابينا ميمبرن رپورٽ تي تفصيلي غور ڪيو.ذريعن موجب رپورٽ ۾ اين ٽي ڊي سي، نيپرا ۽ پاور ڪنٽرول مئنيجمينٽ ۽ شفٽ انچارج کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ڪابينا ذميوار آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڊپارٽمينٽل ايڪشن وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم مسلسل 3 بريڪ ڊائون تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بجلي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ جامع پلان جوڙيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ پاور لائين لاسز ۽ بجلي چوري بابت به بريفنگ ڏني وئي.ذريعن موجب ڪابينا بجلي جي لائين لاسز کي گهٽائڻ ۽ بجلي چوري خلاف سخت قدمن جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو