قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

مٽياري (رياض چانڊيو) قومي شاهراھ تي تيز رفتار ڪار تيز رفتاري ۽ رانگ سائيڊ مان ڪراسنگ ڪندي روڊ جي پاسي مان ويندڙ ڳوٺ جمع شهوڪ واسي نوجوان ڳوٺاڻي 31 سالا غلام مصطفيٰ ولد شفيع محمد شهوڪ کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. فوتي جي لاش کي مٽياري تعلقه اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مائٽن حوالي ڪيو ويو فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي جي گهر واري ۽ معصوم ٻارڙا سندس لاش کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندا رهيا. هوڏانهن معلوم ٿيو آهي فوتي حيدرآباد ۾ ايريگيشن ۾ ملازمت ڪندو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو