قومي سلامتي معاملن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي؛ فردوس عاش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي معاون خصوصي اطلاعات ۽ نشريات ڊاڪٽر فردوس اعواڻ چيوآهي ته قومي سلامتي معاملن کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي ۽ ان روايت کي هاڻي ختم ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن اميد ظاهر ڪئي ته پارليامينٽ موجوده بحث کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ ۾ قانوني ۽ آئيني ڪردار ادا ڪندي. هن اهو بيان نه ڪيو ته پارليامينٽ ۾ ڪهڙو معاملو بحث هيٺ آهي پر ان جي بيان مان لڳي رهيو هو ته هو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ واڌ جي حوالي سان قانون سازي جي ڳالهه ڪري رهي هئي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ادارن جي ذميداري اسان سڀني تي لاڳو ٿئي ٿي جيڪي قوم جي فلاح جا ضامن آهن. فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته پارليامينٽ ۾ اهڙو معاملو آندو ويو آهي جيڪو وزيراعظم جي اختيار ۾ آهي ۽ انشاءَالله اتفاق راءِ سان اسان ان مسئلي کي حل ڪنداسين ۽ پارليامينٽ ان ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي پيش نظر آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ جي معاملي تي حڪومت اپوزيشن سان اتفاق راءِ قائم ڪرڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ ترميمي بل متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ وفاقي ڪابينه جي هنگامي اجلاس ۾ آرمي چيف جي ملازمت ۾ 3 سالن جي واڌ لاءِ آئين ۽ فوجي ايڪٽ ۾ پيش ڪيل ترميم جي منظوري ڏني وئي آهي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته قومي سلامتي جي ادارن جي حوالي سان اسان سڀني کي ذميداري جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجا ايگزيڪٽو اختيار رکڻ باوجود ان اهم قومي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪيو آهي اپوزيشن جون سڀئي جماعتون به قومي سلامتي ۽ قومي مفادن جون ايتريون ئي ذميوار آهن جيتري حڪومت آهي. هن چيو ته قومي ۽ عسڪري قيادت گڏجي نئين سوچ سان گڏ ملڪ کي معاشي سميت هر محاذ تي مضبوط ۽ مستحڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ميڊيا به هميشهه قومي اشوز ۽ ملڪي مفادن ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اميد ٿا ڪيون ته انهن اشوز تي به ميڊيا پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ سان گڏ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، روزگار ۽ دولت پيدا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪندڙ ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي هلندڙ سال 2020 اميد، ريليف ۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم جي پناهه گاهن ۽ لنگر خانن جي منصوبن جي ذميواري ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کنئي آهي جنهن جو مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي. هن چيو ته جتي ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام وزيراعظم تي اعتماد ڪري ٿو اُتي خطي ۽ مسلمان ملڪن جي قيادت به وزيراعظم تي اعتماد ڪري رهي آهي ۽ يو اي اي سربراهه جو پاڪستاني دورو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ٻئي طرف ذريعن مطابق تحريڪ انصاف جو وفد پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت سان به ملاقات ڪندو. ياد رهي ته حڪومت کي ترميم لاءِ اپوزيشن جماعتن جي حمايت جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته آئين ۾ ترميم لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻنهي ۾ 2 ڏهائي اڪثريت جي ضرورت هوندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو