لاهور (ويب ڊيسڪ)ڪيترن ئي ڏينهن جي جدوجهد ۽ غير معمولي دير کانپوءِ آخرڪار ڀارتي حڪومت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا.ذريعن موجب آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ ڀارت ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جي ڀارتي ويزائن جي منظوري ڏني وئي آهي.ڀارتي حڪومت طرفان ڪليئرنس ملڻ بعد پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي اڱاري جي صبح تائين ويزا سميت پاسپورٽ ڏنا ويندا.ان کان اڳ ڀارتي حڪومت طرفان اين او سي جاري ڪرڻ ۾ دير ٿيڻ سبب ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جي روانگي غير يقيني واري صورتحال ۾ هئي، جنهن تي پي سي بي آءِ سي سي کي خط به لکيو هو.هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي هاءِ ڪميشن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم کي ويزا جاري ڪيا پيا وڃن ۽ جلد اسڪواڊ جي ميمبرن کي پاسپورٽ ۽ ٻيا سفري دستاويز ملي ويندا.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اربع ڏينهن صبح جو سوير ڀارت روانو ٿيندي جتي 29 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ نيوزيلينڊ خلاف پهرين وارم اپ ميچ کيڏندي.
