قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي گهرائڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي سڏائڻ جو امڪان آهي، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت قومي اسيمبلي جو اجلاس عام چونڊن کان پوءِ 21هين ڏينهن ٿيندو، صدر هن کان اڳ به اجلاس طلب ڪري سگهي ٿو، قومي اسيمبلي ذريعن مطابق نئين قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس جي صدارت اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪندو، اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا، اسپيڪر راجا پرويز اشرف نون چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻائيندو، چونڊن کان پوءِ 14 ڏينهن اندر نون چونڊيل مميبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ لازمي آهي، نوٽيفڪيشن کان پوءِ مخصوص سيٽون سياسي پارٽين کي ڏنيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو