قومي اسمبلي 26هين آئيني ترميم جو بل اتفاق راءِ سان منظورڪري ڇڏيو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قومي اسمبلي 26 هين آئيني ترميم جو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب فاٽا جون 12 قومي ۽ 24 خيبر پختونخواه جي صوبائي اسمبلي جون سيٽون بحال ٿي ويون آهن. جن ۾ هڪ اقليت ۽ چار عورٽن جون مخصوص سيٽون به شامل هونديون. هي بل ايوان بالا سينيٽ مان منظوري بعد صدر کي صحيح لاءِ پيش ڪيو ويندو. فاٽا کي سرتاج عزيز ريفارمز ڪاميٽي جي سفارشن تي سڀني سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ بعد خيبرپخٿونخواه ۾ ضم ڪيو ويو هو ۽ ان بابت 31 مئي 2018 تي 25 هين آئيني ترميم جو بل منظور ڪيو ويو هو. اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي فاٽا جي 16 صوبائي سيٽن لاءِ اليڪشن شيڊول جاري ڪيو آهي ۽ 25 جولاءِ تي پولنگ مقرر ڪئي وئي آهي. هن ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن سيٽون وڌڻ بعد اليڪشن 6 مهينن لاءِ پوئتي ڪري جيئن هڪ ئي وقت فاٽا جي سڀني علائقن ۾ چونڊ ڪرائي سگهجي. بل جي منظوري کان اڳ وزيراعظم عمران خان اسمبلي م خطاب ڪندي چيو ته اها بهتر ڳالهه آهي ته سڀ سياسي جماعتون 26 هين آئيني ترميم تي متفق آهن. هن چيو ته فاٽا جي وڌايل سيٽن لاءِ اين ايف سي مان 3 سيڪڙو فنڊ ڏيڻ بابت ڪجهه صوبن کي اعتراض آهي پر مالي مشڪل سبب کين قرباني ڏيڻي پوندي. اپوزيشن جماعتين جي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ۽ اتفاق راءِ سان ايوان کي هلائڻ تي زور ڀريو. ان کان اڳ ايوان ۾ مخدوم سميع الحسن ڏکڻ پنجاب نالي نئون صوبو ٺاهڻ لاءِ آئيني ترميمي بل پيش ڪيو. جنهن جي پيپلز پارٽي حمايت ۽ مسلم ليگ (ن) اعتراض واريو. جنهن بعد اسپيڪر کي اختيار ڏنو ويو ته هو ايوان جي ٻنهي پاسن جي نمائندن تي مشتمل ڪاميٽي ٺاهي جيڪا ڏکڻ پنجاب صوبي جي بل بابت سفارشون پيش ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو