قبيلائي فيصلي سبب ٻن نوجوانن زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

بدين(ن س ) گذريل رت کورواھ لڳ ڳوٺ عبدالرحمان مھيري ۾ ٻن نوجوانن سليم شيخ ۽ حاجي شيخ وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي پنهنجي زندگين جو انت آڻي ڇڏيو تفصيل موجب بدين ضلع جي ننڊڙي شھر کورواھ ڀرسان ڳوٺ عبدالرحمان مھيري ۾ ٻن نوجوانن سليم شيخ ۽ حاجي محمد شيخ جيڪ پاڻ سئوٽ ٻڌاياوڃن ٿا ھڪ ئي وقت ھڪ ئي وڻ ۾ رسيون ٻڌ ڦاھو کائي مبينا طور اجتماعي خودڪشي ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ ملندڙ ڄاڻ موجب ته ڪجھ وقت پھرين ٻنھي نوجوانن پنھنجي ئي برادري جي ٻن ڇوڪرين سان پيار جو پرڻو ڪيو. جنھن تي برادري ۾ غيرت تصور جاڳي پيو ۽ تر جي ھڪڙي ڀوتار ڪالھ برادري جو ڪٺ ڪوٺائي ٻنھي جوڙن کي ڪٺ ۾ گھرائي انهن کي زبردستي ڌار ڪري ڇوڪريون وارثن حوالي ڪيون. جنھن کانپو رات نوجوانن پاران مبينا طور پاڻ کي ڦاھو ڏئي اجتماعي طور خودڪشي ڪري ڇڏي ٻئي طرف اھي به چو ٻول آهن ته نوجوانن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪري واردات کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ لاء لاشن کي وڻ ۾ لٽڪايو ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو