ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي قاضي احمد جي دوست محمد ڪالوني جي 14 ورهين جي سهانا شرما جي اغوا ۽ مذهب مٽائڻ واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي هدايتون جاري ڪيون آهن. واقعي جي فوري طور تي جاچ ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي سخت سزا ڏني وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اهڙي قسم جو واقعو ناقابل برداشت آهي. هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ پوليس ۽ خاص ڪري آءِ جي سنڌ سان مسلسل رابطي ۾ آهيان جلد ئي ڇوڪري کي آجو ڪرائي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.










